English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پپري ۾ وفاقي ٽي سي پي گدام مان 200 کان وڌيڪ مزدورن جي جبري برطرفي خلاف ڌرڻو
75 views
|
01st Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پپري ۾ قائم وفاقي اداري ٹریڈنگ کارپوریشن آف پاکستان (ٽي سي پي) جي گدام مان 200 کان وڌيڪ مزدورن کي مبينا طور جبري طور برطرف ڪرڻ خلاف متاثر مزدورن قومي شاهراهه ڀرسان مک دروازي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو۔ احتجاج ڪندڙ مزدورن ٽي سي پي گدام انچارج ۽ لاڳاپيل ٺيڪيدار خلاف سخت نعريبازي ڪندي الزام هنيو ته انتظاميه ڄاڻي واڻي مزدورن جي مزدوري جا ڪروڙين رپيا هڙپ ڪرڻ لاءِ کين نيڪالي ڏني آهي۔ سندن چوڻ هو ته ڪيترن ئي مهينن کان واجبات روڪيل آهن ۽ پورهيو گهرڻ تي کين انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻايو ويو آهي۔مزدورن جو چوڻ هو ته عيد ويجهو هجڻ باوجود سندن روزگار کسيو ويو آهي، جيڪو سندن معاشي قتل برابر آهي۔ هنن الزام لڳايو ته مزدورن کي بنا ڪنهن نوٽيس ۽ قانوني ڪارروائي جي برطرف ڪيو ويو، جيڪو سراسر ناانصافي آهي۔احتجاج سبب قومي شاهراهه تي ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون۔ اطلاع ملڻ تي پوليس نفري پهچي صورتحال تي ڪنٽرول رکيو، جڏهن ته ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي جي اطلاع نه ملي۔احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته:برطرف ڪيل سمورن مزدورن کي فوري طور بحال ڪيو وڃي رهيل سموريون مزدوريون ۽ واجبات ادا ڪيا وڃن ذميوار عملدارن ۽ ٺيڪيدار خلاف جاچ ڪري ڪارروائي ڪئي وڃي مزدورن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو۔ ٻي طرف ٽي سي پي انتظاميه يا ٺيڪيدار جو موقف سامهون اچي نه سگهيو آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Mar 2026
•
سندھ
مٹھیانی کے قریب پرانے تنازع پر فائرنگ، عدالت جانے والے 2 افراد قتل
13th Mar 2026
•
پاکستان
کوہستان مالیاتی اسکینڈل: گرفتار ملزم کے گھر کو منجمد کرنے کا حکم معطل
13th Mar 2026
•
دنیا
روس اور ایران عالمی معیشت کو “ہائی جیک” کرنا چاہتے ہیں: برطانوی وزیر خارجہ
13th Mar 2026
•
دنیا
امریکہ کی جانب سے عراق میں گر کر تباہ ہونے والے طیارے میں 4 فوجیوں کی ہلاکت کی تصدیق
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ جو ناليواري شاعر حليم باغي سان فون تي رابطو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سستو ورتل پئٽرول مھانگو ڪري ھڪ ئي ڏينھن ۾ اربين روپين جي ناجائز ڦرلٽ ڪئي وئي: اياز لطيف پليجو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا مان 6 ڏينهن اڳ مبينا کنڀي گم ڪيل شاگرد جي آزادي لاءِ احتجاج جاري
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ بخاري محلي واسين جو احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڀ
پپري ۾ وفاقي ٽي سي پي گدام مان 200 کا
0 تبصرے