English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ايران تي حملن ۽ آيت الله خامنا اي جي شهادت خلاف عمرڪوٽ ۾ ريلي ۽ ڌرڻو
82 views
|
01st Mar 2026
•
سنڌي خبرون
هزارين ماڻهن پاران ريلي ڪڍي الله والا چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، ڪاروبار مڪمل طور بند
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ ايران جي سپريم ليڊر آیت اللہ خامنہ اي جي مبينا شهادت جي خبر تي سخت ردِعمل سامهون آيو، جتي مختلف مذهبي ۽ سياسي جماعتن جي اڳواڻن ۽ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪندي الله والا چوڪ تي ڌرڻو هنيو ۽ مک روڊ کي ٽرئفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيو، احتجاج دوران “آمريڪا مرده باد” ۽ “اسرائيل مرده باد” جا بلند بانگ نعرا هنيا ويا، جنهن سان فضا سوڳوار ۽ جذباتي منظر پيش ڪندي رهي، مظاهرَي جي اڳواڻي علامه ارشاد علي عرفاني، سيد عباس شاهه ۽ زمان کوسو ڪئي، مقررين خطاب ڪندي عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هو هن واقعي جو فوري نوٽيس وٺي ۽ خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي روڪڻ لاءِ مؤثر ڪردار ادا ڪري، احتجاج ڪندڙن ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽرئفڪ مڪمل طور معطل رهي، جڏهن ته پوليس جي نفري به موقعي تي موجود رهي، شهر جا اهم واپاري مرڪز شاهی بازار، ٿر بازار، شيو رام مارڪيٽ، موتي چوڪ، روحل بس اسٽاپ ۽ عائشه مارڪيٽ مڪمل طور بند رهيا، واپاري برادري به احتجاج سان يڪجهتي طور پنهنجون دڪان بند رکيون، احتجاجي ڪئمپ پريس ڪلب عمرڪوٽ سامهون قائم ڪيو ويو، جتي مختلف سياسي ۽ سماجي اڳواڻ پهچي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو، پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ برهان الدين ڪنڀر پنهنجي خطاب ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل جي پاليسين تي سخت تنقيد ڪئي، ڪنور ڪرني سنگهه به ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيو ۽ سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي شهيد لاءِ خراجِ عقيدت پيش ڪيو، اڳوڻي پي ٽي آءِ ايم ايم اي لال مالهي اهم اعلان ڪندي هندو برادري کي اپيل ڪئي ته موجوده صورتحال نظر ۾ رکندي هولي جون تقريبون ملتوي ڪيون وڃن، هن چيو ته اسان پنهنجن ڀائرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون ۽ بين المذاهب هم آهنگي اسان جي سڃاڻپ آهي، جمعيت علماءِ اسلام ضلع عمرڪوٽ جي پريس سيڪريٽري رسول بخش منگريو ۽ ميڊيا ڪوآرڊينيٽر عمران علي ديوبندي به احتجاجي ڪئمپ ۾ پهتا ۽ شيعه علماءِ ڪونسل جي اڳواڻن سان ملاقات ڪري گڏيل جدوجهد جاري رکڻ جو عزم ورجايو، علامه ارشاد علي عرفاني ڪراچي سميت ٻين شهرن ۾ مبينا پوليس ڪاررواين جي به مذمت ڪئي، احتجاج ڪندڙن عالمي ادارن کان مطالبو ڪيو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ فوري قدم کنيا وڃن ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي کي يقيني بڻايو وڃي، شهر ۾ صورتحال بدستور ڇڪتاڻ واري پر پُرامن رهي، جڏهن ته انتظاميا امن امان برقرار رکڻ لاءِ نگراني جاري رکي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ايران تي حملن ۽ آيت الله خامنا اي جي شهادت
0 تبصرے