ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ ڪوٽ مرزا ۾ سنڌو درياءَ جي پنجن شھيدن کي ڀيٽا پيش

سنڌو درياءَ کي بچائڻ خاطر ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ شھيد ٿيل نوجوانن جون قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون: اڳواڻ

ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ ڪوٽ مرزا ۾ سنڌو درياءَ جي پنجن شھيدن کي ڀيٽا پيش

ڏوڪري (اطهر ميمڻ) ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ ڪوٽ مرزا ۾ سنڌو درياءَ جي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ۽ ورسي تقريب منعقد ڪئي وئي،جڏھن ته ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ ماني پهچائي واپس ايندڙ حادثي ۾ فوت ٿيل پنجن شھيدن عظيم علي شاهاڻي حُب علي شاهاڻي مولا بخش بروهي،اسلم علي شاهاڻي،شان علي شاهاڻي جي ورسي تقريب منعقد ڪئي وئي،ورسي تقريب جي شروعات شھيدن جي مزار تي دعا گهرڻ بعد ڪئي وئي،ورسي تقريب ۾ خيرات في سبيل لله جو بندوبست ڪيو ويو.جڏھن ته سوشل سماجي ورڪر طارق عرف شفيق شاهاڻي ۽ ڊسٽرڪٽ ضلع ڪائونسل لاڙڪاڻو سوشل سماجي ورڪر آصف علي شاهاڻي پاران حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوانن جي ورسي تقريب منعقد ڪئي ۽ خيرات في سبيل الله ماني جو بندوست ڪيو ويو،جڏھن ته شھيدن جي ورسي تقريب جي موقعي تي سياسي سماجي وڪيل برادري، صحافين، توڙي علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي شھيدن جي ورسي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن چيو ته سنڌو درياءَ کي بچائڻ خاطر ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ شھيد ٿيل نوجوانن جون قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون،هنن چيو ته سنڌ ڌرتي ۽ سنڌو درياء جي بچائڻ خاطر هنن نوجوانن جون شهادتيون ٿيون ھيون.هنن چيو ته شھيد ٿيل نوجوان روزانو ڌرڻي ۾ ويٺل وڪيل ڀائرن لاء کاڌو کڻي ويندا هيا.هنن چيو ته شھيد ٿيل نوجوانن کي سنڌ ڌرتي جا هزارين عاشق اڄ به انهن کي ياد ڪن ٿا.هوڏانهن شھيدن جي ياد ۾ مجلس عزا منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ مولانا اياز حسين ڪُمي،مولانا رياض حسين نجفي،مولانا مولانا غلام ياسين فائزي مجلس پڙھي.ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ بار لاڙڪاڻي جو صدر جاويد بليدي،وڪيل عبدالقادر ڀٽو،شھري اتحاد لاڙڪاڻي جو صدر نياز حسين،احسان علي شاھاڻي. جنيد علي شاهاڻي.استاد اياز حسين شاهاڻي،نائب صدر عامر علي عباسي.،ايڊووڪيٽ عبدالقدير ڊومڪي،جنرل سيڪريٽري بار لاڙڪاڻو ايڊووڪيٽ عامر علي سوهو،سپريم ڪورٽ جو وڪيل رفيق احمد ابڙو،صحافي جي ايم جھتيال ۽ ٻين شرڪت ڪئي.