ڏوڪري ( اطهر ميمڻ) ڏوڪريءَ ۾ هڪ جديد سهولتن سان فيضان آءِ ڪلينڪ جو افتتاح،جتي جديد ڪمپيوٽرائيزڊ مشين ذريعي بنا تاڪي جي آپريشن ڪيا ويندا(ڊاڪٽر امجد ابڙو) تفصيل موجب ڏوڪري ۾ جديد ترين ڪمپيوٽرائيزڊ مشين ذريعي بنا تاڪي جي آپريشن ڪرڻ لاءِ فيضان آءِ ڪلينڪ جي افتتاحي تقريب ڪوٺائي وئي. تعزيت ۾ علائقي جي ساڃاه وند شخصيتن شرڪت ڪئي. انهي موقعي تي اکين جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر ۽ ايل آر بي ٽي گمبٽ جي مشهور ڊاڪٽر امجد علي ابڙو چيو ته ڏوڪري تعلقي جي غريب مسڪين عوام کي جديد سهولتن سان اکين جي بيمارين جي اعلاج لاءِ سهولت مهيا ڪري رهيا آهيون،ڇو تہ ھي جديد ترين ٽيڪنالاجي جي ڪمپيوٽر وسيلي چڪاس ۽ آپريشن ڪيا ويندا.انهي موقعي تي مشهور ٻارڙن جي بيمارين ڊاڪٽر رياض حسين ابڙي چيو ته اسان کي خوشي ٿي آهي ته اھڙي جديد سائنسي طريقي سان اکين جو علاج ۽ آپريشن ڪيو ويندو اميد آهي ته مسڪين ماڻهن جي مدد ٿي سگهندي. انهي موقعي تي ڊاڪٽر دورين،ڊاڪٽر عمران ظفر پيرزادو، ڊاڪٽر زڪاءُ گوپانگ،ڊاڪٽر پرشوتم ،ڊاڪٽر ظفر موريو ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.
0 تبصرے