English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ خطرناڪ ڊيمز سبب ٻارن جي ٻڏڻ جا واقعا وڌي ويا، اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو
69 views
|
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ضلعي ۾ بٺن مالڪن ۽ زميندارن جي مبينا لاپرواهي سبب پاڻي اسٽوريج لاءِ ٺاهيل ڊيمز انساني زندگين لاءِ خطرو بڻجي ويا آهن، جتي ٻڏڻ جا واقعا تيزي سان وڌڻ لڳا آهن، علائقي واسين موجب بٺن ۽ زرعي زمينن ڀرسان ٺاهيل انهن کوھن ۾ مناسب حفاظتي انتظام نه هجڻ ڪري روزانو جاني نقصان جا خدشا وڌي رهيا آهن، تازو پيش آيل واقعي ۾ تقريبن 11 ورهين جي نينگري شاردا اوڏ اسڪول مان گهر موٽندي ڊيم وٽ هٿ پير ڌوئڻ دوران پير ترڪڻ سبب پاڻي ۾ ڪري پئي ۽ ٻڏي فوت ٿي وئي، ذريعن موجب اهڙي نوعيت جا واقعا اڳ به پيش اچي چڪا آهن، جڏهن ته گذريل سال به 7 کان 10 ورهين جي عمر وارا ٻه ٽي ٻارڙا اهڙن ئي ڊيمز ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا هئا، مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته گرمي جي موسم ۾ ٻار پاڻي ڏسي وهنجڻ يا کيڏڻ لاءِ انهن هنڌن ڏانهن رخ ڪن ٿا، پر کين خطري جي شدت جو اندازو نه هوندو آهي، سندن چوڻ آهي ته حفاظتي اپائن جي کوٽ ۽ لاپرواهي سبب اهڙا حادثا معمول بڻجي رهيا آهن، سماجي اڳواڻن ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، جڏهن ته خطرناڪ ڊيمز کي بند ڪرڻ يا انهن جي چوڌاري حفاظتي باڙ لڳائڻ سميت موثر قدم کنيا وڃن، علائقي واسين خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ترت قدم نه کنيا ويا ته ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪَ جاني نقصان جو امڪان وڌي سگهي ٿو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ۾ خطرناڪ ڊيمز سبب ٻارن جي ٻڏڻ
0 تبصرے