English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري ۾ بي آءِ ايس پي عملي پاران رجسٽريشن آفيس جا دروازا بند، عورتون پريشان
109 views
|
22nd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
رجسٽريشن آفيس جا دروازا بند ٿيڻ سبب ڏورانهن علائقن مان آيل عورتون سخت گرمي ۾ عذاب ۾ مبتلا
ڏوڪري(اطهر ميمڻ) ڏوڪري ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي عملدارن مستحق عورتن جي رجسٽريشن لاءِ قائم ڪيل آفيس ۾ ايندڙ عورتن لاءِ آفيس جا دروازا بند ڪري ڇڏيا، جنھن سبب سخت گرمي ۾ مستحق عورتون آفيس جي دروازي ٻاھران سڄو ڏينھن بيھڻ بعد بنا رجسٽريشن جي گھر واپس موٽڻ معمول بڻجي ويو آهي. ذريعن موجب اسسٽنٽ ڪمپلائين مانيٽرنگ سھيل ڪلھوڙو پنھنجي آء ڊي ھڪ ڊوائيس ھولڊر حوالي ڪئي آھي، جيڪو پرائيوٽ جڳھ تي في ڪارڊ جي رجسٽريشن تي ھڪ ھزار کان 1500 روپيا خرچي وٺڻ بعد مستحق عورت جي سروي ڪري پيو. ان موقعي تي رجسٽريشن لاءِ آيل عورتن مسمات حفيظان، رخسانه، زليخان خاتون، وحيده بيگم ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان رجسٽريشن آفيس ۾ ايندي ڪيترائي مهينا گذري ويا آهن پر هر دفعي واپس ڪيو پيو وڃي.جن عورتن جي سفارش يا رشوت ڏين ٿيون انهن جي جلد رجسٽريشن ڪئي پئي وڃي،سينٽر تي انتظاميا سان ملي ڀڳت ڪري ايجنٽ مافيا سرگرم آهي جيڪي في عورت کان ھڪ ھزار کان 1500 روپيا رشوت وٺي رجسٽريشن ڪرائي وڃي، جڏهن تہ رشوت نہ ڏيندڙ غريب مسڪين عورتون صبح کان نٽھڻ اس ۾ ويهي ويهي واپس موٽي وڃن ٿيون.ھنن چيو ته اس کان بچڻ لاءِ ڪوبه انتظام ناهي، ڪيتريون ئي عورتون اس ۾ بيهوش ٿي وڃن ٿيون، ايتري قدر جو سينٽر تي پکا خراب آھن ۽ پاڻي جو بندوبست به ناهي ڪيو ويو. ٻئي طرف اسسٽنٽ ڊائريڪٽر بسپ ڏوڪري سجاد علي کھڙو پڻ گذريل ڪيترن ئي ڏينھن کان سينٽر تان غير حاضر آهي، سمورو ڪم ڪمپيوٽر آپريٽر حوالي ڪيو ويو آهي. ھنن بسپ چيئرپرسن، ڊي جي بسپ سميت واسطيدار آفيسرن کان مطالبو ڪيو ته سينٽر تي گهربل سهولتون مهيا ڪري، ملوث آفيسرن خلاف خلاف ڪارروائي ڪري ايجنٽ مافيا سميت رشوت خوري بند ڪئي وڃي. ھوڏانھن صحافين طرفان اسسٽنٽ ڊائريڪٽر بسپ ڏوڪري سجاد علي کھڙو سان رابطي جي ڪوشش ڪئي پر ڪال اٽينڊ نه ٿيڻ ڪري سندس موقف معلوم ٿي نه سگھيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڏوڪري ۾ بي آءِ ايس پي عملي پاران
0 تبصرے