English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ سماجي تنظيم اسپارڪ پاران اسٽيڪ هولڊرن سان اهم اجلاس
233 views
|
16th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اجلاس ۾ وڪيل منور علي پلي، مير محمد نھڙيو، بنسي مالهي، شوڪت سومرو ۽ ٻين جي شرڪت
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سماجي تنظيم اسپارڪ پاران اسٽيڪ هولڊرن سان اهم اجلاس، مزدورن ۽ ٻارن جي حقن بابت گڏيل قدمن تي زور سوسائٽي فار پروٽيڪشن آف دي رائٽس آف دي چائلڊ (SPARC) پاران عمرڪوٽ ۾ اسٽيڪ هولڊرن سان هڪ اهم اجلاس منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ وڪيل منور علي پلي، مير محمد نھڙيو، بنسي مالهي، شوڪت سومرو، تعليم کاتي ۽ اطلاعات کاتي سميت، سماجي تنظيمن عبدالجبار ڪنڀر، شيوارام سوٽھڙ، عابد نھڙي، سول سوسائٽي سروپ چند مالھي، سماجي تنظيم اسپارڪ پاران ڊسٽرڪٽ مينيجر سورج مل، خديجه بلوچ، محمد حسيب، عبدالرحمان پلي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڊسٽرڪٽ مئنيجر اسپارڪ سورج مل چيو تہ اڄوڪي گڏجاڻي جو بنيادي مقصد مزدورن جي حقن، باندي پورهئي جي خاتمي ۽ ٻارن جي تحفظ بابت مسئلن تي بحث مباحثو ڪري گڏيل حڪمت عملي ترتيب ڏيڻ هو، خاص طور تي ڀٽن تي ڪم ڪندڙ مزدورن جي حالتن کي بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو ويو ۽ عمرڪوٽ ضلعي ۾ ڀٽن تي ڪم ڪندڙ مزدورن جي بااختياري لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ھن وڌيڪ چيو تہ اسان بٺن ٽي ٻارن کي نان فارمل ايجوڪيشن ڏيئي رھيا آھيون ۽ ان سان گڏ بنيادي سھولتون پڻ فراهم ڪري رهيا آهيون۔ اجلاس دوران شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مزدورن ۽ انهن جي خاندانن کي بنيادي سهولتون جهڙوڪ تعليم، صحت ۽ سماجي تحفظ فراهم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي۔ مقررِين چيو ته گڏيل ڪوششن سان ئي باندي پورهئي جهڙي سنگين مسئلي کي ختم ڪري سگهجي ٿو ۽ ٻارن کي محفوظ ۽ روشن مستقبل ڏئي سگهجي ٿو۔ تقريب ۾ مختلف شرڪت ڪندڙن پنهنجون تجويزون پيش ڪيون ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته اهڙيون گڏجاڻيون مستقبل ۾ به جاري رکيون وينديون ته جيئن عملي قدمن ذريعي مثبت تبديلي آڻي سگهجي۔ آخر ۾ ڊسٽرڪٽ مئنيجر SPARC سورج مل سڀني شرڪت ڪندڙن جو ٿورو مڃيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته گڏيل تعاون سان مزدورن ۽ ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ موثر اڳڀرائي ٿيندي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
31st Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
محسن نقوي جي تقرير کانپوءِ پاڪستان جو سياسي مستقبل: جمهوريت، نوان صوبا يا نئون سماجي معاهدو؟"
30th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان میں بڑھتے ہوئے تھیلیسیمیا کے کیسز اور خون کے عطیات کی اہمیت
30th Jul 2026
•
تازہ ترین
میرٹ اور مستقبل کے تحفظ کے لیے احتجاج کرنے والے نوجوان پرعزم، قومی شاہراہ پر دھرنے کی تجویز
30th Jul 2026
•
تازہ ترین
امریکا کا ایران کی سمندری ناکہ بندی مزید سخت کرنے کا دعویٰ
31st Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
محسن نقوي جي تقرير کانپوءِ پاڪستان جو سياسي مستقبل: جمهوريت، نوان صوبا يا نئون سماجي معاهدو؟"
30th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ اھم اجلاس منعقد
30th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: سٽي پوليس پاران 4 جوابدار گرفتار ڪري 4 ڪلو آفيس ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ
30th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ڀرسان پٽ جو پيرسن والدين ۽ ڀاءُ تي مبينا تشدد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ۾ سماجي تنظيم اسپارڪ پارا
0 تبصرے