English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
رزاق آباد ۾ نيڪالي جو نظام تباهه، علائقا گندي پاڻي ۾ ٻڏي ويا، رهواسي اذيت جو شڪار
216 views
|
06th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
مين بازار، غريب آباد، ڪلمتي پاڙو ۽ قومي شاهراهه جي ڀرپاسي وارا علائقا به گٽر جي گندي پاڻي هيٺ اچي ويا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) رزاق آباد ۾ نيڪالي جو نظام مڪمل طور تي ناڪاره ٿي ويو آهي جنهن سبب مين بازار، غريب آباد، ڪلمتي پاڙو ۽ قومي شاهراهه جي ڀرپاسي وارا علائقا گٽر جي گندي پاڻي ۾ ٻڏي ويا آهن گندگي سبب اچ وڃ ۽ ڪاروباري سرگرميون سخت متاثر ٿي ويون آهن ٽائون ابراهيم حيدري جي آفيس لڳ رزاق آباد جي مين ڊسپوزل لائن جي صفائي نه ٿيڻ سبب گٽر جا مين هول اُٿلي پيا آهن جنهن ڪري گندو پاڻي روڊن، گهٽين، چوڪن ۽ گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي صورتحال سبب شهري سخت تڪليف ۽ اذيت جو شڪار بڻيل آهن علائقي واسين اقبال ڪلمتي، حسين بخش ڪلمتي، محمد شاهه، منير شاهه، غلام حسين ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته يوسي چوڪنڊي ۽ ٽائون ابراهيم حيدري انتظاميه جي نااهلي سبب گذريل برساتن کانپوءِ پورو علائقو اڃان تائين گٽر جي گندي پاڻي ۾ ٻڏل آهي پر ڪو به ٻڌڻ وارو ناهي هنن ٻڌايو ته نيڪالي جي مسئلي جي حل لاءِ ڪيترائي ڀيرا شڪايتون داخل ڪرايون ويون ۽ احتجاج به ڪيو ويو پر اربين رپين جي بجيٽ باوجود انتظاميه مسئلو حل ڪرڻ ۾ سنجيده نظر نٿي اچي رهواسين اعليٰ اختيارين کان فوري نوٽيس وٺي نيڪالي جي نظام جي بحالي ۽ پاڻي جي نيڪال لاءِ اثرائتا انتظام ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ته جيئن شهرين جي هن اهم مسئلي جو خاتمو ٿي سگهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
27th Jul 2026
•
پاکستان
اوورسیز پاکستانی ملکی معیشت کو مستحکم بنانے میں کلیدی کردار ادا کر رہے ہیں: ڈاکٹر پرویز اقبال لوہسر
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
آبادگارن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پروفيسر عبدالسميع ڀنڀرو
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
اسٽيل ٽائون پوليس جي ڪارروائي، 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ استادن جو 2023 جي آدمشماري جو معاوضو نھ ملڻ خلاف احتجاج
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ايس ٽي پي پاران سنڌوءَ جي تحفظ لاءِ 2 آگسٽ تي ريلي ڪڍڻ جو اعلان
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
رزاق آباد ۾ نيڪالي جو نظام تباهه، علائقا
رزاق آباد ۾ نيڪالي جو نظام تباهه،
0 تبصرے