وچ اوڀر جي هلندڙ تڪرار ۽ جنگي حالاتن سبب عالمي سطح تي تمام گهڻي ڪشيدگي ڏينھون ڏينھن زور وٺي رهي آھي. ھر طرف تمام گهڻي پريشاني ۽ فڪر جو عالم لڳو پيو آھي، خاص طور تي اهي ملڪ جيڪي پهريان ئي ملڪي سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ معاشي طور ڪمزور ۽ پٺتي پيل آھن سي تمام گهڻو ۽ بري طرح سان متاثر ٿي رهيا آھن. عالمي سطح تي تيل ۽ پئٽروليم مصنوعات جي مهانگي ٿيڻ سبب معاشي طور پٺتي پيل ملڪ اڃا وڌيڪ پٺتي پئجي رهيا آھن. خاص طور تي اسان جو ملڪ پاڪستان جنھن لاءِ ملڪي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالات هميشه چئلينج بڻيل رهيا آھن اتي وري عالمي سطح جا حالات اڃا وڌيڪ برا اثر وجهي رهيا آھن، هتان جو عوام جيڪو پهريان ئي مهانگائي، بيروزگاري ۽ هميشه فڪري حالاتن جو شڪار ۽ پيڙھيل رهيو آھي سو اهڙن حالاتن باعث اڃا وڌيڪ فڪرمند ۽ ڳڻتي جوڳي حالت مان گذري رهيو آھي.
پاڪستان ۾ وچ اوڀر تڪرار کان پوءِ تيل جي رقم ۾ هڪدم واڌ ان شيءِ طرف خاص اشارو آھي ته اسان جي معيشت مستقل بنيادن تي مضبوط نه پر يقيني طور تي ڪمزور آھي، تيل ۽ پئٽروليم مصنوعات جو وڌي وڃڻ اسان جي عوام لاءِ هڪ وڏو چيلينج بڻجي رهيو آھي، تيل جي وڌڻ سان مهانگائي جي شرح تيزي سان وڌي رهي آهي ۽ مهانگائي جي شرح وڌڻ سبب هتان جو غريب ۽ خاص ڪري هيٺيون طبقو جنھن جو گذر سفر اڳ ئي تمام ڌکيو ٿي رهيو آھي سي اڃا وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آھن. ثرانسپورٽ جي ڪراين کان وٺي روزمره جي زندگي ۾ ڪتب ايندڙ شين جي اگهن ۾ ڪافي واڌ اچي رهي آھي، جنھن سبب اسان جو غريب طبقو بري طرح سان متاثر ٿي رهيو آھي.
عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي مهانگي ٿيڻ سبب پاڪستان سميت ڀرپاسي ملڪن ۾ نه رڳو مهانگائي جي شرح وڌي رهي آھي بلڪه هتان جي تعليم ۽ روز مره جي زندگي به ڏاڍي متاثر ٿي رهي آھي، لڳ ڀڳ هڪ مهيني کان پاڪستان جا تعليمي ادارا يعني اسڪول، ڪاليجون ۽ يونيورسٽيون مڪمل طور تي بند تہ ڪٿي آن لائن نظام هلي رهيو آھيو.اهڙي طرح پاڪستان جا ٻيا مختلف ادارا جنھن جو هفتيوار شيڊيول ۽ مڪينزم جوڙيو ويو آھي، جنھن سان هتان جي عوام جي روزمره جي زندگي غير يقيني صورتحال سبب مفلوج بڻجي رهي آھي, مطلب ته ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا جي جنگ جو وچ اوڀر جي پاڙيسري ملڪن تي خاص اثر پئجي رهيو آھي.
ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ سبب پيدا ٿيندڙ ڇڪتاڻ جو اثر عالمي مارڪيٽ سميت پوري خطي جي سياسي، سماجي، معاشي ۽ سلامتي صورت حال اثرانداز ٿي رهي آھي. جنگ سبب عالمي مارڪيٽ ۾ وڌندڙ قيمتون ۽ سيڙپڪاري ۾ گهٽتائي اچڻ سبب معاشي بحران وڌي رهيو آھي ۽ ان جو باقي خطي سان گڏ پاڪستان تي اڃان گهرو اثر پوڻ جوخدشو آھي ۽ يقينن پاڪستان ۾ اڃا وڌيڪ پيدا ٿيندڙ معاشي بحران جو اثر سڌو سنؤن عوام تي پوندو ۽ خاص طور تي هتان جو غريب ۽ ڏهاڙيدار طبقو وڌيڪ متاثر ٿيندو، يعني عالمي معيشت جو وايومنڊل مٽجڻ جو سڌو يا اڻ سڌو بار ۽ اثر ملڪ جي عوام تي ئي پئجي رهيو آھي. طبقاتي طور تي مٿين ۽ وچولي طبقي جو عوام اهڙي سٽ سهڻ جي سگھ ۽ قوت ته رکي سگھي ٿو مگر هيٺين طبقي جو ماڻھو خاص طور تي مزدور يا روز جي ڏهاڙي تي ڪمائڻ وارو ماڻهو جيڪو پهريان ئي مهانگائي سٽيل ۽ معاشي طور پريشان حالي جو شڪار رهي ٿو سو اڃا وڌيڪ متاثر ٿي پيسجي رهيو آھي.
بيڪ ڊور تي ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين جو دور هلڻ جا چؤٻول ته هلي رهيا آهن ۽ جنھن ۾ پاڪستان ثالثي جو ڪردار ادا ڪرڻ جو خبرون پڻ گردش ڪري رهيون آھن، جنھن جو اعتراف لاڳاپيل ڌرين جي اختيارين پڻ ڪيو آھي، عالمي سطح تي جنگ جو خاتمو آڻي پوري خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ ڌرين ۾ ڳالهيون لازم ۽ هڪ سٺو سنوڻ به آهي پر انھن ڳالهين ۾ ايران ۽ آمريڪا طرفان هڪ ٻئي کي پيش ڪندڙ مطالبا ٻنهي ڌرين لاءِ قبول ڪرڻ ايترو آسان ڪو نه رهندو ۽ تقريبن هڪ مهيني کان هلندڙ جنگ جو خاتمو به ايترو آسان نه هوندو، انڪري وچ اوڀر تڪرار سبب عالمي سطح يا پاڪستان جي ملڪي سطح تي وڌندڙ غير يقيني حالتن کي مدنظر رکندي وفاق ۽ صوبائي حڪومتن کي ملڪ ۽ عوام سان درپيش ايندڙ حالتن کي سنجيدگي سان منھن ڏئي پاڪستاني عوام لاءِ مستحڪم ۽ دفاعي حڪمت عملي جوڙي پوري دانائيءَ سان پنھنجي عوام کي ريليف ڏيڻ جا جوڳا اپاءَ وٺڻ گهرجن.
0 تبصرے