English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پاڪستان اسٽيل جو ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ختم، استادن جي برطرفي شروع
61 views
|
01st Apr 2026
•
سنڌي خبرون
متاثر استادن ۽ توڙي پڙهندڙ ٻارڙن جي والدين ۾ ڳڻتي پکڙيل
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)پاکستان اسٹیل ملز پاران ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ختم ڪرڻ ۽ استادن کي برطرف ڪرڻ واري فيصلي تعليمي ۽ سماجي حلقن ۾ سخت ڳڻتي پيدا ڪري ڇڏي آهي هن فيصلي سبب نه رڳو ڪيترن ئي استادن جي روزگار کي خطرو لاحق ٿي ويو آهي، پر پاڪستان اسٽيل جي تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن جو مستقبل به غير يقيني صورتحال جو شڪار بڻجي ويو آهي ذريعن موجب پاڪستان اسٽيل جي زير انتظام هلندڙ تعليمي ادارا گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ملازمن جي ٻارن سميت علائقي جي ٻين شاگردن کي معياري تعليم فراهم ڪري رهيا هئا انهن ادارن ۾ تجربيڪار استاد پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا هئا، پر ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ختم ڪرڻ واري فيصلي بعد استادن جي برطرفي جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، جنهن تي متاثر استادن ۽ والدين ۾ شديد ڳڻتي پکڙيل آهي تعليمي حلقن جو چوڻ آهي ته هن قدم سان ڪيترن استادن جو روزگار ختم ٿي ويندو ۽ ڪيترائي خاندان مالي مشڪلاتن کي منهن ڏيندا، جڏهن ته شاگردن جي تعليم به متاثر ٿيندي ۽ سندن تعليمي سرگرميون تعطل جو شڪار ٿي سگهن ٿيون ان سان گڏ اداري جي سماجي ذميواري ۽ فلاحي ڪردار تي به سوال اڀري رهيا آهن متاثر استادن جو چوڻ آهي ته هنن ڪيترن سالن تائين پاڪستان اسٽيل جي تعليمي ادارن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون، پر اوچتي برطرفي سبب سندن مستقبل غير يقيني بڻجي ويو آهي استادن مطالبو ڪيو آهي ته فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي ۽ متبادل انتظامن تائين کين برطرف نه ڪيو وڃي والدين ۽ سماجي اڳواڻن به فيصلي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان اسٽيل جا تعليمي ادارا علائقي ۾ تعليم جي واڌ ويجهه ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا هئا، جن جي بندش سان نه رڳو شاگرد، پر پوري علائقي جون تعليمي سرگرميون متاثر ٿينديون مزدور اڳواڻ ڌڻي بخش سمون ٻڌايو ته اسٽيل مل جي زير انتظام ڪل 13 اسڪول ۽ ڪاليج هلندا هئا، جن مان 10 اڳ ئي بند ڪيا ويا هئا، جڏهن ته باقي 3 ادارا شاهه لطيف اسڪول، مادر ملت اسڪول ڪاليج ۽ علامه اقبال اسڪول ڪاليج به هڪ نوٽيفڪيشن ذريعي بند ڪيا ويا آهن انهن ادارن ۾ ڪم ڪندڙ استاد ۽ عملو فارغ ڪيو ويو آهي ۽ ادارا اين جي اوز حوالي ڪيا ويا آهن هن چيو ته اسڪولن جي بندش سبب اسٽيل مل جي سوين پورھيتن جا ٻار تعليم کان محروم ٿي ويا آهن، جيڪو سراسر ظلم آهي هن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اسٽيل مل جي تعليم ادارن استادن ۽ عملي کي بحال ڪري تدريسي عمل ٻيهر شروع ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
پاڪستان اسٽيل جو ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ خ
0 تبصرے