English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ابراهيم حيدري جي فيڪٽري مان 72 پورهيت جبري طور برطرف، متاثرن جو احتجاج
157 views
|
28th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
خانگي فيڪٽري ٽي ٽي ايم انتظاميا ليبر قانونن کي لتاڙيندي 72 پورهيتن کي بنا ڪنهن اڳواٽ نوٽس جي برطرف ڪري ڇڏيو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ابراهيم حيدري ۾ قائم خانگي فيڪٽري ٽي ٽي ايم جي انتظاميا ليبر قانونن کي لتاڙيندي 72 پورهيتن کي بنا ڪنهن اڳواٽ نوٽس جي نوڪرين تان جبري طور برطرف ڪري ڇڏيو، جنهن خلاف پورهيتن سخت احتجاج ڪندي فيڪٽري سامهون مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو احتجاج سبب علائقي ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي پورهيتن سليمان اقبال، مبشر ناصر سواتي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ فيڪٽري انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته رمضان کان اڳ کين بيروزگار ڪرڻ ظلم، ناانصافي ۽ انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي آهي هنن چيو ته انتظاميا جو هي قدم ليبر قانون، آئين ۽ مزدورن جي بنيادي حقن جي ابتڙ آهي مظاهري ۾ شريڪ پورهيتن جو چوڻ هو ته موجوده مهانگائي جي دور ۾ متبادل روزگار ملڻ انتهائي ڏکيو ٿي پيو آهي، جنهن سبب سندن گهر ڀاتي سخت مالي بحران ۽ ذهني اذيت کي منهن ڏئي رهيا آهن ھنن چيو ته فيڪٽري انتظاميا بنا ڪنهن سبب ٻڌائڻ يا قانوني ڪارروائي جي برطرف ڪري سراسر ناانصافي ڪئي آھي پورهيتن وزيراعليٰ سنڌ، ليبر کاتي ۽ اعليٰ حڪومتي اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو ته ليبر قانون جي کليل ڀڃڪڙي جو فوري نوٽس ورتو وڃي، برطرف ڪيل پورهيتن کي ترت نوڪرين تي بحال ڪيو وڃي، سندن بقايائون ادا ڪيون وڃن ۽ پورهيتن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي پورهيتن واضح چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن سندن مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو شهر جي ٻين علائقن تائين وڌايو ويندو جنهن جي ذميوار فيڪٽري انتظاميا ھوندي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Mar 2026
•
سندھ
مٹھیانی کے قریب پرانے تنازع پر فائرنگ، عدالت جانے والے 2 افراد قتل
13th Mar 2026
•
پاکستان
کوہستان مالیاتی اسکینڈل: گرفتار ملزم کے گھر کو منجمد کرنے کا حکم معطل
13th Mar 2026
•
دنیا
روس اور ایران عالمی معیشت کو “ہائی جیک” کرنا چاہتے ہیں: برطانوی وزیر خارجہ
13th Mar 2026
•
دنیا
امریکہ کی جانب سے عراق میں گر کر تباہ ہونے والے طیارے میں 4 فوجیوں کی ہلاکت کی تصدیق
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ جو ناليواري شاعر حليم باغي سان فون تي رابطو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سستو ورتل پئٽرول مھانگو ڪري ھڪ ئي ڏينھن ۾ اربين روپين جي ناجائز ڦرلٽ ڪئي وئي: اياز لطيف پليجو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا مان 6 ڏينهن اڳ مبينا کنڀي گم ڪيل شاگرد جي آزادي لاءِ احتجاج جاري
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ بخاري محلي واسين جو احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ابراهيم حيدري جي فيڪٽري م
0 تبصرے