English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري ۾ ڦر دوران قتل ٿيل عورت جا وارث قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج
126 views
|
26th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
بيمار پٽ جي دوا وٺي ڳوٺ ويندي ڦر بهاني تشدد ڪري منهنجي زال کي قتل ڪيو ويو هو: الطاف زهراڻي
ڏوڪري(اطهر ميمڻ) ڏوڪري ۾ 2 مھينا اڳ ڦر دوران پورھيت ۽ سندس معصوم پٽ زخمي ٿيڻ ۽ گھرواري قتل ٿيڻ واري واقعي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف پورھيت پنھنجي مائٽن سان گڏجي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي سونهري پل واسي الطاف زهراڻي، پنهنجي ڌي، پٽ ۽ ڀائٽين سان گڏجي ڏوڪري پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 3 جنوري تي پنهنجي گهر واري سلطانه خاتون سان گڏجي ڏوڪري مان بيمار پٽ جي دوا وٺي ڳوٺ موٽڻ دوران ھٿياربندن ڦرڻ بھاني سخت تشدد جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويا،جنهن بعد لاڙڪاڻي اسپتال ۾ منهنجي زال سلطانہ خاتون فوت ٿي وئي. هن چيو ته مائٽن پوليس سان گڏجي کوجي ڪتن ذريعي پيرا کنيا جيڪي پيرا ڳوٺ غلام قادر انڙ ۾ چانڊيا برادري جي گهرن ۾ پيا هئا، ھن الزام هڻندي چيو ته ڏوڪري پوليس پرويز زهراڻي ۽ ياسين زهراڻي جي چوڻ تي گرفتار جوابدارن کان ڳري رشوت وٺي منھنجو ڪيس لوڙھي رھي آھي. هن چيو ته ڏوڪري پوليس ڪيس کي خراب ڪندي منهنجي وڏي ڀاءُ منظور زهراڻي کي گرفتار ڪري کيس گم ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پرويز زهراڻي ۽ ياسين زهراڻي پوليس کاتي ۾ هجڻ ڪري ڪيس خراب ڪندي اصل جوابدارن کي تحفظ فراهم ڪري رهيا آهن جيڪو سراسر ظلم ۽ ناانصافي آهي. ھن چيو ته پوليس عملدار ياسين زهراڻي ۽ ٻين مان جان جو خطرو آهي، جيڪي مون کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن تہ ڳوٺ کان ٻاهر قدم رکيو تہ سموري خاندان کي ماري ڇڏينداسين. ھنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو سميت اعلیٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته گھرواري جي قتل ۾ ملوث اصل جوابدارن کي گرفتار ڪري، گم ڪيل ڀاءُ کي بازياب ڪرائي تحفظ ۽ انصاف فراھم ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڏوڪري ۾ ڦر دوران قتل ٿيل عورت
0 تبصرے