English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير جو سماجي اڳواڻ حاجي عبيدالله ڪلمتي لاڏاڻو ڪري ويو، جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن جي شرڪت
251 views
|
24th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
جنازي نماز ۾ ايم پي ايز سليم بلوچ، راجا عبدالرزاق، ساجد جوکيو، مقامي اڳواڻ رياض بلوچ ۽ ٻيا شريڪ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) نامياري قبائلي ۽ سماجي شخصيت حاجي عبيدالله ڪلمتي لاڏاڻو ڪري ويو. هو سياسي ۽ سماجي اڳواڻ قادربخش ڪلمتي، ڊي جي گوادر پورٽ انجنيئر داود ڪلمتي ۽ شاهه محمد ڪلمتي جو وڏو ڀاءُ هو. سندس وفات تي علائقي ۾ ڏک ۽ سوڳ جي لهر ڇانئجي ويئي مرحوم جي جنازي نماز ڪاٺوڙ سراج ڳوٺ ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ مختلف سياسي، سماجي ۽ قبائلي اڳواڻن سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. جنازي ۾ ايم پي اي سليم بلوچ،ايم پي اي راجا عبدالرزاق،ايم پي اي ساجد جوکيو، مقامي اڳواڻ رياض بلوچ، امداد جوکيو عوامي پريس ڪلب جي صدر سجاد شاهه، جنرل سيڪريٽري طارق جان سهتو، سامي ميمڻ، عنايت شاه، ڊاڪٽر اصغر ميمڻ ۽ ٻين معززن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري مرحوم کي ڀيٽا پيش ڪئي.ان موقعي تي اڳواڻن مرحوم جي سماجي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته حاجي عبيدالله ڪلمتي هميشه علائقي جي ڀلائي، ڀائيچاري ۽ اتحاد لاءِ ڪوشان رهيو. سندس لاڏاڻي سان علائقي کي وڏو نقصان پهتو آهي. جنازي نماز کان پوءِ مرحوم کي مقامي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
27th Jul 2026
•
پاکستان
اوورسیز پاکستانی ملکی معیشت کو مستحکم بنانے میں کلیدی کردار ادا کر رہے ہیں: ڈاکٹر پرویز اقبال لوہسر
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
آبادگارن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پروفيسر عبدالسميع ڀنڀرو
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
اسٽيل ٽائون پوليس جي ڪارروائي، 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ استادن جو 2023 جي آدمشماري جو معاوضو نھ ملڻ خلاف احتجاج
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ايس ٽي پي پاران سنڌوءَ جي تحفظ لاءِ 2 آگسٽ تي ريلي ڪڍڻ جو اعلان
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير جو سماجي اڳواڻ حاجي عبيدالله ڪلمتي
0 تبصرے