English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو جي صدارت ھيٺ حددخلين بابت اجلاس
241 views
|
12th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اجلاس ۾ اي سي شاڪر فهيم، واپاري اڳواڻ، ڊي ايس پي ۽ ٻيا شريڪ
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت ھيٺ سندس آفيس ۾ تعلقي ٺٽي ۾ جاري اينٽي انڪروچمينٽ ڊرائيو بابت هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو۔ اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر شاڪر فهيم، چيئرمين ٽائون ڪاميٽي مڪلي، صدر تاجر اتحاد، ڊي ايس پي هيڊڪوارٽر، ٽريفڪ انچارج، ايس ايڇ او اينٽي انڪروچمينٽ سيل، ٽائون آفيسر ٽائون ڪاميٽي مڪلي، سيڪريٽري آر ٽي اي ۽ چيف ميونسپل آفيسر ميونسپل ڪاميٽيءَ شرڪت ڪئي۔ اجلاس دوران غيرقانوني حد دخلين خلاف ڪارروائي تيزي سان جاري رکڻ، شهر ۾ ٽريفڪ جي رواني بهتر بڻائڻ ۽ هيـوي لوڊنگ گاڏين جي ڪراسنگ کي منظم ڪرڻ بابت واضح هدايتون جاري ڪيون ويون۔ ان موقعي تي هڪ خصوصي پيٽرولنگ ٽيم پڻ جوڙي وئي، جنهن کي باقاعده گشت جا حڪم ڏنا ويا ته جيئن حد دخلين جي ٻيهر حوصلا شڪني ڪئي وڃي ۽ ٽريفڪ نظام کي موثر بڻايو وڃي۔ ٻئي طرف ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت اوپن ڊور پاليسي تحت عوام سان سڌي ملاقاتن جو سلسلو پڻ جاري رکيو ۔ روزاني جي بنياد تي وڏي انگ ۾ شهري ڊپٽي ڪمشنر آفيس پهچي پنهنجا مسئلا پيش ڪري رهيا آهن، جن تي فوري نوٽيس وٺندي لاڳاپيل عملدارن کي موقع تي ئي هدايتون جاري ڪيون پيون وڃن۔ ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ آهي ته عوامي شڪايتن جو بروقت ازالو ضلعي انتظاميه جي اولين ترجيح آهي ۽ ڪنهن به قسم جي دير يا غفلت برداشت نه ڪئي ويندي۔ شهرين هن قدم کي خوش آئند قرار ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته هن پاليسي سان مسئلن جي حل ۾ نمايان سڌارو ايندو ۽ انتظاميه ۽ عوام وچ ۾ رابطو وڌيڪ مضبوط ٿيندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
27th Jul 2026
•
پاکستان
اوورسیز پاکستانی ملکی معیشت کو مستحکم بنانے میں کلیدی کردار ادا کر رہے ہیں: ڈاکٹر پرویز اقبال لوہسر
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
آبادگارن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پروفيسر عبدالسميع ڀنڀرو
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
اسٽيل ٽائون پوليس جي ڪارروائي، 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ استادن جو 2023 جي آدمشماري جو معاوضو نھ ملڻ خلاف احتجاج
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ايس ٽي پي پاران سنڌوءَ جي تحفظ لاءِ 2 آگسٽ تي ريلي ڪڍڻ جو اعلان
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو جي صدار
0 تبصرے