English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
رزاق آباد واسين جو بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ٽائون آفيس تائين ريلي ۽ ڌرڻو
64 views
|
09th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
رهواسين رزاق آباد کان ٽائون ابراهيم حيدري آفيس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي علائقي رزاق آباد ۾ گهڙڻ رستن ۽ ماڪيٽ ۾ هڪ هفتي کان بيٺل گٽر جي گندي پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ ۽ بنيادي شهري مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف وڏي تعداد ۾ رهواسي رستن تي نڪري آيا جن سخت احتجاج ڪندي رزاق آباد کان ٽائون ابراهيم حيدري آفيس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪندي مين گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو ان موقعي تي ٽائون انتظاميا خلاف سخت زوردار نعريبازي ڪئي وئي.ڌرڻي ۾ موجود ڳوٺاڻا “ڪرپٽ انتظاميا هٽايو، ملير بچايو”، “فوٽو سيشن بند ڪيو”، ۽ “بنيادي مسئلا فوري حل ڪريو” جا اٻ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا انتظامي بي حسي خلاف علائقي سخت ڪاوڙ پکڙجي ويئي .احتجاجي ريلي جي اڳواڻي جدوجهد ڪميٽي جي اڳواڻن اقبال ڪلمتي، شيراز سولنگي، فيض سنڌي، غني ڪلمتي، ستار ڪلمتي، عمر ملاح، منظور شاهه، نياز شاهه، حسين بخش ڪلمتي ۽ ٻين ڪئي، .ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته رزاق آباد ڪيترن ئي سالن کان بنيادي سهولتن کان محروم آهي. علائقي ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي کوٽ،سيوريج نظام جي تباهي، نيڪال جو ناقص نظام، ٽٽل روڊ، بجلي ۽ صفائي جا سنگين مسئلا موجود آهن، پر ٽائون انتظاميا اربين روپين جي بجيٽ هوندي رڳو فوٽو سيشن ۽ ڪاغذي ڪارروائين تائين محدود آهي.اقبال ڪلمتي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته “رزاق آباد جا رهواسي ٽيڪس ڏيندڙ شهري آهن، پر ان جي باوجود کين بنيادي حقن کان محروم رکيو ويو آهي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي.”شيراز سولنگي ۽ فيض سنڌي چيو ته نااهل چيئرمين ۽ ڪرپٽ آفيسر عوام جا مسئلا حل ڪرڻ بدران پنهنجي مفادن کي ترجيح ڏئي رهيا آهن، جنهن سبب ملير جا علائقا بدحالي جو شڪار آهن.غني ڪلمتي، ستار ڪلمتي ۽ عمر ملاح جو چوڻ هو ته جيڪڏهن فوري طور بنيادي مسئلا حل نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪندي ٽائون آفيس آڏو مستقل ڌرڻو هنيو ويندو.منظور شاهه، نياز شاهه ۽ حسين بخش ڪلمتي چيو ته عوام هاڻي خاموش نه رهندي ۽ پنهنجن حقن لاءِ هر سطح تي جدوجهد جاري رکندي.احتجاج جي آخر ۾ اڳواڻن ٽائون انتظاميا کي چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن مسئلا حل نه ڪيا ويا ته ايندڙ مرحلي ۾ سخت احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي، جنهن جي سموري ذميواري لاڳاپيل انتظاميا تي عائد ٿيندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Mar 2026
•
سندھ
مٹھیانی کے قریب پرانے تنازع پر فائرنگ، عدالت جانے والے 2 افراد قتل
13th Mar 2026
•
پاکستان
کوہستان مالیاتی اسکینڈل: گرفتار ملزم کے گھر کو منجمد کرنے کا حکم معطل
13th Mar 2026
•
دنیا
روس اور ایران عالمی معیشت کو “ہائی جیک” کرنا چاہتے ہیں: برطانوی وزیر خارجہ
13th Mar 2026
•
دنیا
امریکہ کی جانب سے عراق میں گر کر تباہ ہونے والے طیارے میں 4 فوجیوں کی ہلاکت کی تصدیق
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ جو ناليواري شاعر حليم باغي سان فون تي رابطو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سستو ورتل پئٽرول مھانگو ڪري ھڪ ئي ڏينھن ۾ اربين روپين جي ناجائز ڦرلٽ ڪئي وئي: اياز لطيف پليجو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا مان 6 ڏينهن اڳ مبينا کنڀي گم ڪيل شاگرد جي آزادي لاءِ احتجاج جاري
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ بخاري محلي واسين جو احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
0 تبصرے