گهارو واسين جو ڌاڙي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

گهارو واسين جو ڌاڙي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گهارو واسي لاشاري برادري جي معزز جي گهر لڳل ڌاڙي خلاف پريس ڪانفرنس، 5 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي، احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان، سردار حسن لاشاري معزز ۽ شريف انسان آهي سندس جي گهر ۾ ٻيو ڀيرو ڌاڙو هڻي 50 لک روپين کان وڌيڪ روڪ رقم ،سونا زيور ۽ ضروري سامان ڦر ڪيو ويو آهي، پوليس علائقي ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي، جوابدار گرفتار ڪيا وڃن نه ته سڄي سنڌ ۾ ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو، ڊاڪٽر انور لاشاري، رئيس مقبول لاشاري، ڄام جميل لاشاري ۽ ٻين جي عوامي پريس ڪلب ملير ۾ پرهجوم پريس ڪانفرنس تفصيل موجب : آل پاڪستان لاشاري بلوچ هيومن رائٽس ويلفيئر آرگنائزیشن ضلع ملير جي صدر ڊاڪٽر انور لاشاري، سينيئر نائب صدر رئيس مقبول لاشاري، جنرل سيڪريٽري ڄام جميل لاشاري ۽ ٻين عوامي پريس ڪلب ملير ۾ پرهجوم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سردار حسن لاشاري معزز ۽ شريف انسان آهي رات جي اونداهي ۾ گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي سندس گهر ۾ ٻيو ڀيرو ڌاڙو هنيو ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ 50 لک روپين کان روپين وڌيڪ روڪ رقم ،سونا زيور ۽ ضروري سامان کنيو ويو آهي هنن چيو ته پوليس جي رٽ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي ماڻهو هاڻ پنهنجن گهرن ۾ به محفوظ ناهن جنهن تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪريون ٿا هنن 3 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏيندي آءِ جي سنڌ ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو آهي ته سردار حسن لاشاري جي گهر مان ڦر ڪيل سمورو سامان ۽ رقم واپس ڪرائي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ اندر احتجاجي تحريڪ شروع ڪنداسين.