مڪلي پوليس لائين ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ محبوب عالم شاهه جي مان ۾ آجياڻو

علائقي واسين پاران پاڻي جي کوٽ، ڊرينيج ۽ صفائي سميت ٻين بنيادي سهولتن بابت شڪايتون

مڪلي پوليس لائين ۾  پيپلز پارٽي جي اڳواڻ محبوب عالم شاهه جي مان ۾ آجياڻو

ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)مڪلي پوليس لائين ۾ محمد علي شر ۽ چاچا علي بخش شر جي اڳواڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ محبوب عالم شاهه جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو، جنهن ۾ پوليس لائين ۽ ان جي آس پاس جي علائقن جي معزز شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔تقريب دوران علائقي جي ماڻهن طرفان پاڻي جي کوٽ، ڊرينيج ۽ صفائي سميت ٻين بنيادي سهولتن بابت مسئلا پيش ڪيا ويا، جن تي محبوب عالم شاهه ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه عوامي مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد ڪئي آهي ۽ پارٽي جو بنيادي مقصد به اهو ئي آهي ته عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن۔ هن يقين ڏياريو ته مڪلي پوليس لائين ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جا مسئلا جلد کان جلد حل ڪرايا ويندا ۽ ان حوالي سان لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪري عملي قدم کنيا ويندا۔محبوب عالم شاهه وڌيڪ چيو ته هو سنڌ اسيمبلي جي ميمبر رخسانه شاهه جو فرزند آهي ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت جي وزن تحت عوام سان سڌي رابطي ذريعي سندن مسئلن کي حل ڪرڻ کي پنهنجي ذميواري سمجهي ٿو۔آجياڻي ۾ محبت جوکيو، خالد آرائين، چاچا علي بخش شر، محمد علي شر، محمد بخش ٻٻر، شڪيل ٻٻر، محمد صديق ٻٻر سميت ٻين علائقي واسين شرڪت ڪئي۔ شرڪت ڪندڙن محبوب عالم شاهه جي عوام دوست روين ۽ مسئلا حل ڪرڻ بابت ڏنل پڪين خاطرين کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته علائقي ۾ جلد سڌارا نظر ايندا۔