English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ جي ڳوٺ احمد درس ۾ مفت طبي ڪيمپ قائم، 500 کان وڌيڪ مريضن جو چڪاس ڪري مفت ۾ دوائون پڻ ڏنيون ويون
222 views
|
18th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ايم ڊي ايف ۽ ٽرانسپيرنٽ هينڊز جي سهڪار سان ڪيمپ لڳائي وئي
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ سماجي تنظيم ايم ڊي ايف ۽ ٽرانسپيرنٽ هينڊز جي سهڪار سان ڳوٺ احمد درس مفت طبي ڪئمپ قائم ڪئي ويئي، 500 کان وڌيڪ مريضن جو چڪاس ڪري مفت ۾ دوائون پڻ ڏنيون ويون، سڄاڻ ڌرين طرفان ساراھ. خبر موجب سماجي تنظيم ايم ڊي ايف، ٽرانسپيرنٽ هينڊز جي سهڪار سان، ري اسٽورنگ سوشل سروسز اينڊ ڪلائيميٽ ريزيلينس پروجيڪٽ (پي پي اي ايف) تحت ڳوٺ احمد درس يونين ڪائونسل کجيراري ۾ مفت طبي ميڊيڪل ڪئمپ قائم ڪئي ويئي جنھن ۾ 500 مرد، عورتون ۽ ٻار مريضن فائدو حاصل ڪيو ۽ کين مفت طبي معائنا ۽ دوائون فراهم ڪيون ويون ڪئمپ ۾ طبي ٽيم پاران هيپاٽائٽس بي ۽ سي، شوگر، رت جا ٽيسٽ ۽ يوريڪ ايسڊ جا ٽيسٽ پڻ ڪيا ويا ۽ طبي سهولتن سان گڏ، آگاهي سيشنز پڻ ڪرايا ويا، جن جو مقصد مقامي ماڻهن کي عام بيمارين، انهن جي سببن ۽ بچاءَ جي طريقن بابت آگاهي ڏيڻ هو ان موقعي تي ڳالهائيندي ايم ڊي ايف جي پروجيڪٽ مئنيجر عالمگير بلال چيو ته هن مفت طبي ڪيمپ جو مقصد پٺتي پيل برادرين تائين گهر جي دروازي تي صحت جون بنيادي سهولتون پهچائڻ ۽ صحت بابت آگاهي وڌائڻ آهي جڏھن ته سماجي تنظيم طرفان قائم ڪيل مفت طبي ميڊيڪل ڪئمپ تي غريب مريضن کي چڪاس ڪري دوائون فراھم ڪرڻ تي سڄاڻ ڌرين طرفان ساراھ ڪئي ويئي آھي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ جي ڳوٺ احمد درس
ايم ڊي ايف ۽ ٽرانسپيرنٽ هينڊز
0 تبصرے