English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ڊي سي سي جو اجلاس
31 views
|
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
اجلاس ۾ ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو عمران آرائين ۽ ٻيا شريڪ
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي (DCC) جو هڪ اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس عمرڪوٽ جي درٻار هال ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو عمران آرائين، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر عمرڪوٽ نور محمد شيخ، چيف ميونسپل آفيسر عمرڪوٽ سيد ساجد علي شاھ، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي، ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر عمرڪوٽ، ڊپٽي ڊائريڪٽر وومين ڊيولپمينٽ عمرڪوٽ، ايڊيشنل ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ، ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ هريش چندر، ڊپٽي ڊائريڪٽر نيشنل هاءِ ويز اٿارٽي اسدالله ميمڻ، ڊپٽي ڊائريڪٽر زراعت اياز ڪاڇيلو، انسپيڪٽر ايڪسائيز عمرڪوٽ شھمير خان، سيڪريٽري آر ٽي اي سيد شيراز علي شاھ، حساس ادارن سي ٽي ڊي، آءِ ايس آءِ، آءِ بي، ايم آءِ، اسپيشل برانچ سميت ضلع عمرڪوٽ جي سڀني لاڳاپيل کاتن جي سربراهن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي، اجلاس دوران امن امان جي مجموعي صورتحال، سرڪاري کاتن جي باهمي رابطن، انسداد منشيات، قبضا ختم ڪرڻ، صحت ۽ تعليم، بلديات کاتي، بجلي جي فراهمي، ٽريفڪ مينيجمينٽ، سماجي ڀلائي ۽ عوامي شڪايتن جي ازالي سميت ٻين اهم معاملن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ضلعي ۾ امن امان جو قيام ۽ عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي ضلعي انتظاميه جي اولين ترجيح آهي، هن سڀني کاتن جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته باهمي سهڪار ۽ مربوط حڪمت عملي تحت پنهنجون ذميواريون بهتر نموني نڀائن ۽ جاري ترقياتي اسڪيمَن ۾ تيزي آندي وڃي، اجلاس ۾ گذريل ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد جو جائزو پڻ ورتو ويو، جڏهن ته لاڳاپيل آفيسرن پنهنجي ڪارڪردگي ۽ پيش رفت بابت اجلاس کي آگاهه ڪيو، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڪجهه معاملن ۾ سستي تي ناراضگي جو اظهار ڪندي فوري بهتري جون هدايتون جاري ڪيون، هن اين ايڇ اي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته راجا رستي کان عمرڪوٽ تائين روڊن تي جاري ڪم کي وڌيڪ تيز ڪري جلد مڪمل ڪيو وڃي، ان موقعي تي ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته سيف سٽي پروجيڪٽ بابت ميونسپل ڪميٽي جي عملدارن سان صلاح مشورا جاري آهن ۽ جلد ئي اهو منصوبو مڪمل ڪيو ويندو، جڏهن ته امن امان جي حوالي سان سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ واضح ڪيو ته عوامي مفاد جي منصوبن ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت يا لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي ۽ سڀئي کاتا پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائي نتيجن تي ٻڌل قدم يقيني بڻائن، اجلاس جي پڄاڻي تي مختلف معاملن بابت اهم فيصلا ڪيا ويا ۽ انهن تي بروقت عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ لاڳاپيل کاتن کي واضح هدايتون جاري ڪيون ويون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Dec 2025
•
سندھ
کراچی: 75لاکھ سے زائد مالیت کی غیر ملکی شراب کی بڑی کھیپ پکڑی گئی
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیکیورٹی فورسز کی کارروائیاں، بھارتی حمایت یافتہ 9 دہشت گرد ہلاک
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
کوئی کسی کو مائنس نہیں کر سکتا، آپس کی لڑائی نقصان دہ ہے، ملک بچانے کے لیے اتحاد کرنا ہوگا: خواجہ سعد رفیق
21st Dec 2025
•
کھیل
بھارت کو 191 رنز سے عبرتناک شکست، پاکستان انڈر 19 ایشیا کپ کا چیمپئن بن گیا
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ لکين رپين جي منشيات هٿ اچڻ وارو معاملو، ايس ايڇ او معطل
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان معصوم ٻار جو لاش هٿ، بن قاسم ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي نامياري اديب راشد لکمير جي صدارت هيٺ ٿي گذري
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڍورونارو پريس ڪلب جي سالياني چونڊ، عبدالستار چوپاڻ صدر، عاصم عارف قريشي نائب صدر چونڊجي ويا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ
0 تبصرے