يوسي چئيرمين گل منڊه حيدر خاصخيلي جي بڇ تي بااثرن زمين تي قبضي جي ڪوشش ڪئي: عورتون
ٺٽو( ڊر)ڄام واه جي ڳوٺ عرس جاکرو جي رهائشي عورتن مردن جو ايس ايس پي آفيس ٺٽو اڏو زمين تي قبضي خلاف احتجاج, جاکرا برادري جي مسمات ازينه زال داد محمد جاکرو مسمات زرينه زال رمضان جاکرو مسمات سائين ڏني زال علي حسن جاکرو علي محمد جاکرو غلام قادر جاکرو علي مراد جاکرو غلام نبي جاکرو ٻين جو احتجاج هنن چيو ته يوسي چئيرمين گل منڊه حيدر خاصخيلي جي بڇ تي قاسم خاصخيلي ۽ رحمان خاصخيلي سڪندر خاصخيلي رزاق خاصخيلي ٻين طرفان اڄ سندن زمين تي ٽريڪٽري هلائي زبردستي قبضو ڪري رهيا هئا جو اسان کين منع ڪئي جنهن تي مذڪوره ماڻهن سندن مٿان حملو ڪري ڏنو ۽ مرد عورتن کي ڏنڊن ۽ لٺين سان پرتشدد بڻايو هنن ايس ايس پي ٺٽو کان فوري نوٽيس وٺي انصاف ڪرڻ جي گهر ڪندي مطالبو ڪيو ته زمين تي قبضو ڪندڙ ڌر خلاف سخت قدم کنيا وڃن ٻئي صورت ۾ ٺٽو ڪراچي روڊ تي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو ويندو
0 تبصرے