ٺٽو: ھاليجي ڍنڍ جي ڳوٺ حاجي ميربحر ۾ پورهيت جي گهر کي باهه، الهه تلهه سڙي رک

ٺٽو: ھاليجي ڍنڍ جي ڳوٺ حاجي ميربحر ۾ پورهيت جي گهر کي باهه، الهه تلهه سڙي رک

ٺٽو(ڊ ر) درگاھ امير شاھ جيلاني لڳ ھاليجي ڍنڍ جي ڳوٺ حاجي ميربحر ۾ اوچتو باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ پورھيت ممتاز ملاح سميت سندس ڀائرن جا گھرن ۽ گھرن م رکيل ھنڌ بسترا، راشن ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو، جيڪي ھن وقت سخت سردي ۾ کليل آسمان ھيٺ بي يارو مددگار بڻيل آھن جن جي اڃان تائين ڪنھن بہ سار ناھي لڏي، باھ متاثرين وس وارن کان واھر جي اپيل ڪئي آھي. تفصيل موجب درگاھ امير شاھ جيلاني ڀرسان ڳوٺ حاجي ميربحر جي ڳوٺ ۾ ٻن گھرن کي اوچتو باھ وڪوڙي ويئي ٻن پورھيتن جا گھر سڙي راک ٿي ويا ممتاز ميربحر ۽ سندس ڀائرن جا گھر سڙي راک ٿيڻ ڪري گھرن ۾ پيئل سمورو سامان جنھن ۾ گذر جي وسيلي جا رڇ ھنڌ بسترا ۽ الھ تلھ سڙي راخ ۾ تبديل ٿي ويو چوويھ ڪلاڪ گذرڻ باوجود به ڪا به واھر سنڌن نه ٿي سگھي ويچارا ھن سرد موسم ۾ مسيحا جي منتظر آھن ھنن چونڊيئل نمائيندن ۽ سگھاري ڌرين کي اپيل ڪندي گھر ڪئي ته اسان جي مالي سھائتا ڪئي وڃي ته جيئن ٻچن کي ھن سرد موسم ۾ ھن موت مار سردي کان بچائي سگھجي ھنن صحافين ڌانھن ڪندي چيو ته ھن موت مار سردي ۾ رات به سڄي رات معصوم ٻچڙا سيء ۾ تڙپندا رھيا غريب آھيون ڪکاوان گھر ھيا اھي به ھن باھ جي ڪري سڙي راک ٿي ويا