طاقت جي آڏو جهڪيل براعظم: يورپ جي خاموش سياست..؟؟؟

غلام مصطفي جمالي

طاقت جي آڏو جهڪيل براعظم: يورپ جي خاموش سياست..؟؟؟

يورپي يونين پاڻ کي دنيا ۾ جمهوريت، قانون جي بالادستي، انساني حقن ۽ اجتماعي فيصلن جي علامت طور پيش ڪري ٿي، پر جڏهن عملي سياست جي سخت ترين حالتن ۾ فيصلو ڪرڻ جو سوال اچي ٿو ته اها پنهنجي دعوائن کان گهڻو پري نظر اچي ٿي. خاص ڪري جڏهن ڳالهه آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جهڙي جارحانه ۽ بي پرواهه اڳواڻ جي ٿئي ٿي، تڏهن يورپي يونين جون سڀ اخلاقي ۽ سفارتي دعوائون ڪمزور ٿي وڃن ٿيون. ٽرمپ جي غير روايتي پاليسين، کليل ڌمڪين ۽ طاقت جي بي باڪي واري رويي يورپ کي بار بار هڪ اهڙي جاءِ تي بيهاري ڇڏيو آهي، جتي خاموشي ئي ان جو محفوظ انتخاب بڻجي وڃي ٿي. هي خاموشي اوچتو پيدا نه ٿي آهي، بلڪه سالن جي سياسي انحصار، فوجي محتاجي ۽ ذهني بي جُرئتي جو نتيجو آهي. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ يورپ پنهنجو دفاع آمريڪا تي ڇڏي ڏنو، ۽ نيٽو جي ڇُٽي هيٺ پنهنجي سلامتيءَ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ آمريڪا تي ڀاڙڻ شروع ڪيو. سرد جنگ جي دور ۾ سوويت يونين جو خطرو هن انحصار کي جائز بڻائيندو هو، پر سوويت يونين جي خاتمي کان پوءِ به يورپ پنهنجي فوجي ۽ سياسي خودمختياري حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. ان جو نتيجو اهو ٿيو ته يورپ اڄ به عالمي سياست ۾ پنهنجي آواز بلند ڪرڻ جي جرئت کان محروم آهي. يوڪرِين جي جنگ يورپ جي اهڙي ڪمزوري جو کليل ثبوت آهي. روس جي جارحيت جي مذمت، بيانن ۽ قراردادون ته سڀ ڏنيون ويون، پر جڏهن عملي قدم کڻڻ جو سوال آيو ته يورپي ملڪ پسپائي اختيار ڪرڻ لڳا. روس جا جيڪي رياستي اثاثا يورپ ۾ منجمد ٿيل هئا، انهن کي يوڪرِين جي مدد لاءِ استعمال ڪرڻ جا وعدا ته ڪيا ويا، پر حقيقت ۾ اهي وعدا صرف بيانن تائين محدود رهيا. نتيجي طور يوڪرِين کي مالي مدد ملي، پر اهو سياسي پيغام، جيڪو ماسڪو ۽ واشنگٽن ٻنهي لاءِ اهم ٿي سگهي ها، اهو ڏنو نه ويو. اهڙي خاموشي صرف روس تائين محدود نه رهي، بلڪه آمريڪا سان لاڳاپن ۾ پڻ يورپ ساڳي نفسياتي ڪمزوريءَ جو شڪار ٿيو. جڏهن ٽرمپ يورپي شين تي 15 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيا، ته اها رڳو اقتصادي جنگ نه هئي، پر هڪ کليل سياسي پيغام پڻ هو. يورپ وٽ واپاري طاقت هئي، هو جواب ۾ سخت قدم کڻي سگهي ها، پر سياسي همت ۽ اتحاد جي کوٽ سبب خاموش رهڻ کي محفوظ ترين رستو سمجهيو. سبب واضح هو: يورپ کي خوف هو ته جيڪڏهن آمريڪا سان واپاري تڪرار وڌو، ته نيٽو ذريعي حاصل ٿيل فوجي تحفظ متاثر ٿي سگهي ٿو. گرين لينڊ جو معاملو يورپ جي ڪمزوريءَ کي وڌيڪ واضع ڪري ٿو. هي جزيرو صرف برف سان ڍڪيل ٽڪر نه آهي، پر آرڪٽڪ علائقي ۾ فوجي، اقتصادي ۽ قدرتي وسيلن جي لحاظ کان اهميت رکي ٿو. جڏهن آمريڪا کليل لفظن ۾ گرين لينڊ کي “حاصل ڪرڻ” جي ڳالھ ڪري ٿو، ته اهو رڳو لفظي دعويٰ نه، پر هڪ عالمي حڪمت عملي جو حصو آهي. وائٽ هائوس جي اعليٰ اهلڪارن جو چوڻ ته آمريڪي فوج جي اڳيان ڪو به بيهي نه سگهندو، يورپ لاءِ هڪ کليل چئلينج آهي، پر ان جي باوجود يورپي ملڪ گڏيل، مضبوط ۽ واضح موقف اختيار ڪرڻ بدران لفظن تائين محدود ٿي ويا. ڊنمارڪ، جيڪو گرين لينڊ جو ذميوار آهي ۽ نيٽو جو هڪ ننڍڙو پر سرگرم رڪن آهي، هن معاملي ۾ سڌي طرح متاثر ٿيو. اصولي طور يورپي يونين کي ڊنمارڪ جي خودمختياري جي ضمانت ڏيڻ گهرجي ها، پر عملي طور يورپ پاڻ ۾ ورهايل آهي. فرانس، جرمني، برطانيه ۽ ٻين وڏن رڪنن جي اختلاف سبب گڏيل موقف اختيار ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. ڪي ملڪ آمريڪا سان لاڳاپا خراب ڪرڻ نه ٿا چاهين، ڪي روس سان توازن قائم رکڻ جي ڪوشش ۾ آهن، ۽ ننڍا ملڪ آمريڪا جي ڇانوَ هيٺ رهڻ کي محفوظ ترين آپشن سمجهن ٿا. نيٽو جو آرٽيڪل پنج، جنهن کي “هڪ لاءِ سڀ، سڀ لاءِ هڪ” چيو وڃي ٿو، عملي طور تي محدود آهي. جيڪڏهن خطره ٻاهرين ملڪ کان هجي ته اتحاد متحرڪ ٿئي ٿو، پر جيڪڏهن جارحيت يا دٻاءُ نيٽو جي اندر کان اچي، ته آرٽيڪل پنج لاڳو نه ٿئي. تاريخ ۾ ترڪي ۽ يونان جي قبرص واري تڪرار ان ڳالهه جو مثال آهي، جتي نيٽو خاموش رهيو ۽ آمريڪا ثالث بڻيو. اڄ به صورتحال ساڳي آهي، فرق صرف اهو آهي ته هاڻي آمريڪا پاڻ طاقت جي دعويدار طور ميدان ۾ آهي. يورپ ۾ هن وقت جيڪا بيچيني محسوس ٿئي ٿي، اها صرف گرين لينڊ تائين محدود ناهي. اها هڪ وڏي سوال جي علامت آهي: ڇا يورپ پاڻ فيصلا ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو يا سدائين ڪنهن وڏي طاقت جي ڇانوَ هيٺ رهندو؟ يورپي اڳواڻ عالمي فورمن تي تقريرون ڪن ٿا، اخلاقي درس ڏين ٿا، پر عملي جرئت جي گهڙي اچي ته سڀ نگاهون واشنگٽن ڏانهن هليون وڃن ٿيون. ٽرمپ جهڙا اڳواڻ اهڙي ڪمزوريءَ کي سڃاڻن ٿا ۽ ان مان فائدو وٺن ٿا. هو سفارتي نزاڪتن کي اهميت نٿا ڏين، اخلاقي ليڪچرن کان متاثر نٿا ٿين، صرف طاقت ۽ مفاد کي سمجهن ٿا. يورپ کي جيڪڏهن اهڙي سياست جو مقابلو ڪرڻو آهي، ته کيس پنهنجي سوچ بدلائڻي پوندي. صرف اصولن جي ڳالهه ڪرڻ ڪافي ناهي، دنيا فيصلا ڪندڙ قوتن سان هلندي آهي. يورپ کي اهو طئي ڪرڻو پوندو ته ڇا هو آمريڪا جي سلامتيءَ جو محتاج رهڻ چاهي ٿو يا پنهنجي دفاع، انٽيليجنس ۽ حڪمت عملي ۾ خودمختياري حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. هي فيصلو آسان ناهي، ان لاءِ وڏيون مالي قربانيون، سياسي همت ۽ عوامي سهڪار گهربل آهي. پر جيڪڏهن اهو قدم نه کنيو ويو ته يورپ جو مستقبل اهڙن اڳواڻن جي رحم و ڪرم تي رهندو، جيڪي ڪنهن به وقت دوستيءَ کي دٻاءَ ۾ تبديل ڪري سگهن ٿا. يورپ جو اصل مسئلو رڳو سياسي يا فوجي ڪمزوري ناهي، پر اتحاد جي اندر بي اعتمادي، ذاتي مفادن جي فوقيت، ۽ گڏيل حڪمت عمليءَ جي کوٽ آهي. هر ملڪ پنهنجي ضرورتن ۽ مفادن کي ترجيح ڏئي ٿو، جنهن سبب گڏيل موقف اختيار ڪرڻ مشڪل بڻجي ٿو. جڏهن به عالمي سياست ۾ فيصلو ڪرڻ جو وقت اچي ٿو، ته يورپ اندروني اختلافن جي ڀڃڪڙي سبب خاموش رهندو آهي، ۽ نتيجي طور دنيا تي ٻين طاقتور رياستن جو اثر وڌندو رهي ٿو. يورپي يونين جي اقتصادي طاقت به عملي سياسي اثر ۾ تبديل نه ٿي رهي. عالمي واپاري مارڪيٽ ۾ يورپ جي اهميت باوجود، سياسي قوت جي ميدان ۾ آمريڪا کان پوئتي آهي. طاقتور ملڪ جي ڀرسان رهڻ ۽ پنهنجي آواز بلند ڪرڻ ۾ ناڪاميءَ سبب يورپ ڪيترن ئي بين الاقوامي فيصلن ۾ پوئتي رهي ٿو. تاريخ شاهد آهي ته اهي قومون جيڪي صرف بيانن ۽ اخلاقي درس تي ڀاڙين ٿيون، اهي آخرڪار فيصلا ٻين جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏين ٿيون. يورپ اڄ هڪ اهڙي موڙ تي بيٺل آهي، جتي کيس طئي ڪرڻو آهي ته هو تاريخ جو ڪردار بڻجندو يا رڳو تماشائي رهندو. جيڪڏهن هن وقت به يورپي يونين ٽرمپ جهڙن للڪارن آڏو خاموش رهي ٿي ته سڀاڻي شايد ڪو به ان جي بيانن کي سنجيدگي سان نه وٺي. دنيا هاڻي لفظن کان اڳتي وڌي چڪي آهي، ۽ جيڪو طاقت سان ڳالهائڻ نٿو ڄاڻي، اهو خاموش ٿي وڃي ٿو. يورپ کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڇا هو پنهنجي دفاعي، سياسي ۽ اقتصادي خودمختياريءَ کي يقيني بڻائي، يا سدائين ڪنهن وڏي طاقت جي ڇانوَ هيٺ رهندو. يورپ لاءِ سڀ کان وڏو سبق اهو آهي ته عالمي سياست ۾ صرف طاقت جي عزت ٿيندي آهي، ۽ صرف اصولن جي ڳالهه ڪرڻ سان ڪو به فيصلو نه ٿيندو. جيڪڏهن يورپ پنهنجي وقار، آواز ۽ اثر قائم رکڻ چاهي ٿو، ته هاڻي قدم کڻڻ جو وقت آهي. بي وقت پسپائي، خوف ۽ خاموشي يورپ کي عالمي منظرنامي ۾ پوئتي ڇڏي ڇڏيندي، ۽ ان جو تاريخ ۾ ذڪر صرف هڪ معاشي طاقت طور ٿيندو، نه ته هڪ فيصلو ڪندڙ عالمي قوت طور. يورپ کي هاڻي ضرورت آهي پنهنجي اتحاد کي مضبوط ڪرڻ، فوجي صلاحيتن کي آزاد بڻائڻ، ۽ عالمي فيصلا سازيءَ ۾ پنهنجو آواز بلند ڪرڻ جي. اها ئي واحد راهه آهي، جيڪا ٽرمپ جهڙن جارحانه اڳواڻن ۽ مستقبل جي عالمي طاقت جي تبديلين ۾ يورپ کي محفوظ، مؤثر ۽ معزز بڻائي سگهي ٿي. يورپ جو مستقبل، هاڻي، خاموشي ڇڏڻ، اتحاد کي مضبوط ڪرڻ، ۽ عالمي سياست ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهڻ تي دارومدار رکي ٿو. جيڪڏهن هي قدم نه کنيو ويو، ته صرف گذريل دعوائون ۽ بيان ئي تاريخ ۾ رهجي ويندا، جڏهن ته دنيا جا اصل فيصلا ٻيا طئي ڪندا رهندا. يورپي اتحاد کي هاڻي فيصلو ڪرڻو آهي: ڇا هو تاريخ ۾ خاموش تماشائي طور رهندو، يا طاقت جي امتحان ۾ پنهنجو آواز بلند ڪندو؟