English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گُلشنِ حديد ۾ پيئڻ جي پاڻي جو سنگين بحران، لکين ماڻهو پاڻي کان محروم
120 views
|
02nd Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ناڪام منصوبا، سرڪاري دير ۽ مبينا لاپرواهي سبب عوام جون تڪليفون وڌي ويون: رهواسي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)گُلشنِ حدید ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو شديد کوٽ جو بحران بدستور جاري آهي، جتي ٽي لک کان وڌيڪ آبادي گذريل ڪيترن ئي مهينن کان سرڪاري واعدن ۽ ڊگهن ڳالهين جي باوجود بنيادي انساني ضرورت کان محروم آهي. رهواسين موجب پنج مهينا کان وڌيڪ مڪمل طور پاڻي بند آهي ، جنهن سبب شهري زندگي مڪمل طور مفلوج ٿي وئي اهي.ذريعن موجب. اسٽيل ملز انتظاميا سان حڪومتِ سنڌ ۽ لاڳاپيل ادارن جي ڊگهي عرصي تائين ٿيل ڳالهين باوجود عوام کي اڃا تائين ڪو به عملي رليف نه ملي سگهيو آهي. پاڻي جي فراهمي لاءِ ڇهه ڪروڙ رپين جو منصوبو شروع ڪيو ويو، پر اهو منصوبو ناڪام ثابت ٿيو آهي جنهن بابت نه ذميوارن جو تعين ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي ڪي سڌارا سامهون آيا آهن.مقامي نمائندن جو چوڻ آهي ته مين لائين ۾ والوز لڳائڻ باوجود 141 ڏينهن گذري چڪا آهن، پر اڃا تائين پاڻي جي ورڇ شروع نه ٿي سگهي آهي. ساڳئي طرح 96 ڏينهن اڳ پاڻي کي ٽيسٽنگ ٽينڪي ۾ داخل ڪيو ويو هو، پر گهرن تائين فراهمي اڃا ممڪن نه بڻائي وئي آهي. ان کان سواءِ پاڪستان اسٽيل ملز کي 37 ڏينهن اڳ PMT جي اين او سي جاري ڪئي وئي، پر ان جي باوجود گُلشنِ حدید جا رهواسي پاڻي کان محروم آهن.پاڻي جي کوٽ سبب سنگين انساني مسئلا جنم وٺي چڪا آهن. مقامي ذريعن موجب پاڻي جي تلاش دوران هڪ ٻار جي جان هلي وئي، جڏهن ته محسن نالي نوجوان پاڻي کڻي ايندي ٽرڪ هيٺ اچڻ کان معجزاتي طور بچي ويو. شهرين جو چوڻ آهي ته هي بحران نه صرف سندن صحت پر جان ۽ مال لاءِ به وڏو خطرو بڻجي چڪو آهي.سماجي حلقن موجب صاف پيئڻ جي پاڻي تائين رسائي آئينِ پاڪستان جي آرٽيڪل 9 تحت زندگي جي بنيادي حقن ۾ شامل آهي، جڏهن ته آرٽيڪل 25 شهرين کي برابري جو تحفظ ڏئي ٿو. ٻين علائقن کي پاڻي فراهم ڪرڻ ۽ گُلشنِ حدید کي محروم رکڻ کليل امتيازي سلوڪ آهي، جيڪو آئيني ۽ بين الاقوامي انساني حقن جي ڀڃڪڙي جي برابر آهي.علائقي واسين ۽ سماجي ڪارڪنن مطالبو ڪيو آهي ته گُلشنِ حدید ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پاڻي جي فوري بحالي يقيني بڻائي وڃي، ڇهه ڪروڙ رپين جي ناڪام منصوبي ۽ دير بابت شفاف جاچ ڪرائي وڃي، پاڻي جي کوٽ سبب جاني ۽ مالي نقصان ڀوڳيندڙ خاندانن کي معاوضو ڏنو وڃي، ۽ مستقبل ۾ اهڙي بحران کان بچڻ لاءِ هڪ مؤثر نگراني نظام قائم ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گُلشنِ حديد ۾ پيئڻ جي پاڻ
0 تبصرے