English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس
178 views
|
30th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ فيڊرل ايپڪس ڪميٽي ۽ صوبائي ايپڪس ڪميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ بابت قائم ڪيل ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي (DCC) جو اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي درٻار هال ۾ منعقد ٿيو، اجلاس دوران مختلف سرڪاري کاتن جي ڪارڪردگي، سيڪيورٽي قدمن ۽ ضلعي سطح تي حڪومتي حڪمن تي عملدرآمد جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي اجلاس ۾ پاڪستان آرمي جي ڪيپٽن عبدالله، ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ، ايڊيشـنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو عمرڪوٽ عمران آرائين، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو سنجي ڪمار تُرڪيو، اسسٽنٽ ڪمشنر پٿورو غلام طارق، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر عمرڪوٽ نور محمد شيخ، ڊپٽي ڊائريڪٽر وومين ڊولپمينٽ عمرڪوٽ محمد شاهد راجپوت، ايڪسئن حيسڪو علي رضا ڀٽي، اي ٽي او ايڪسائز عمرڪوٽ سرفراز جلباڻي، ايڪسائز انسپيڪٽر شهمير خان، حساس ادارن (آءِ بي، ايم آءِ، آءِ ايس آءِ)، سي ٽي ڊي، اسپيشل برانچ، فوڊ کاتو، اطلاعات کاتو، ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ ۽ ٻين مختلف کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ سڀني لاڳاپيل کاتن جي سربراهن پاران پنهنجي پنهنجي ڪارڪردگي رپورٽون پيش ڪيون ويون، ان موقعي تي ايپڪس ڪميٽين جي فيصلن موجب ضلعي ۾ سيڪيورٽي نظام کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، غير قانوني سرگرمين جي روڪٿام، سنيپ چيڪنگ وڌائڻ ۽ اهم هنڌن تي پوليس ۽ رينجرز جي گڏيل نگراني جاري رکڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪندي چيو ته وفاقي ۽ صوبائي ايپڪس ڪميٽين جي فيصلن تي سئو سيڪڙو عملدرآمد ضلعي انتظاميا جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ان موقعي تي سمورا کاتا گڏيل ۽ مربوط حڪمت عملي سان ڪم ڪن ۽ ان ۾ ڪنهن به شڪايت يا تاخير جي صورت ۾ فوري ڪارروائي کي يقيني بڻايو وڃي، ھن وڌيڪ چيو ته سيف سٽي پروجيڪٽ بابت جامع حڪمت عملي جوڙڻ سان گڏ سڀ ضروري قدم کنيا وڃن، ڇاڪاڻ ته امن امان ۽ عوامي خدمتن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سڀني اسسٽنٽ ڪمشنرن کي پڻ هدايت ڪندي چيو ته سڀني شهرن ۾ اينٽي انڪروچمينٽ مهم شروع ڪئي وڃي، سرڪاري ملڪيت تي ٿيل ناجائز قبضا فوري طور ختم ڪرايا وڃن ۽ ان بابت رپورٽ پيش ڪئي وڃي ۽ غير قانوني طور قائم ٿيل پيٽرول پمپن کي فوري طور تي سيل ڪيو وڃي، ان موقعي تي ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو ته سيف سٽي پروجيڪٽ بابت سمورا قدم کنيا ويا آهن، ھن چيو ته ضلعي ۾ جتي جتي سيڪيورٽي ڪيمرا لڳائڻا آهن، انهن پوائنٽن کي نوٽ ڪيو ويو آهي ۽ ضلعي ۾ فول پروف سيڪيورٽي انتظامات مڪمل ڪيا ويا آهن، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ جي سي ايم او ۽ سڀني ٽائون آفيسرن کي سختي سان هدايت ڪندي چيو ته سرڪاري ملڪيت جي مڪمل حفاظت ڪئي وڃي، جيڪڏهن ڪنهن به قسم جي غفلت سامهون آئي ته لاڳاپيل آفيسرن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، اجلاس جي آخر ۾ ڊپٽي ڪمشنر سمورن کاتن جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي هدايت ڪئي ته ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جا اجلاس باقاعدگي سان ٿيندا رھندا، ھن چيو ته ايندڙ اجلاس ۾ اڳڀرائي رپورٽ تفصيل سان پيش ڪئي وڃي ۽ سمورا آفيسر پنهنجي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر بڻائن ۽ رپورٽ پيش ڪن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ
صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس
0 تبصرے