English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري ۾ عورت جو مڙس ۽ امڙ سميت مائٽن خلاف احتجاج
146 views
|
29th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
مائٽ ملڪيت ڦٻائڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن: خورشيد خاتون ڀنڊ
ڏوڪري (اطهر ميمڻ) ڏوڪريءَ ۾ مسمات خورشيد خاتون پنهنجي مڙس گلزار ڀنڊ ۽ ماءُ اميران خاتون سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام مڙهيو آهي ته سندن مائٽ ملڪيت ڦٻائڻ لاءِ مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. ڏوڪري پريس ڪلب ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي متاثر عورت خورشيد خاتون چيو ته هن پنهنجي مڪمل رضا خوشي ۽ ماءُ جي مرضيءَ سان گلزار ڀنڊ سان نڪاح ڪيو آهي، پر سندن مائٽ جن سان سندن ويجهو رشتو به ناهي سندن شادي ڪرڻ تان ڪاوڙيل آهن ۽ کين ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن..نهن ٻڌايو ته شاهد علي ڀنڊ، حبدار علي ڀنڊ، صاحب علي ۽ جاويد ڀنڊ سندن جان جا دشمن بڻيل آهن ۽ گهر ۾ گهڙي ٽوڙ ڦوڙ پڻ ڪئي آهي، جڏهن ته کين قتل جون ڌمڪيون به ڏئي رهيا آهن.خورشيد خاتون جو چوڻ هو ته ڪجهه مهينا اڳ سندس پهريون مڙس وفات ڪري ويو هو ۽ ان کان اڳ سندس پيءُ به لاڏاڻو ڪري چڪو آهي، جنهن بعد سندن ڪجهه عزيز ملڪيت تي قبضي جي نيت سان مٿس دٻاءُ وجهي رهيا آهن ته هو گلزار ڀنڊ سان ڪيل نڪاح ختم ڪري.پريس ڪانفرنس دوران هنن چيو ته ڄاڻايل ماڻهن مان کين سنگين جان جو خطرو آهي، ان ڪري وس وارن اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته سندن بيان جو نوٽيس وٺي کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڏوڪري ۾ عورت جو مڙس ۽ امڙ
0 تبصرے