English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير پوليس پاران ڏوهارين خلاف ڪارروائيون جاري, ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي
187 views
|
04th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ملير ضلعي پوليس پاران ڏوهارين ۽ ڏوھن ۾ ملوث ٽولن خلاف وسيع پيماني تي جاري ڪريڪ ڊائون دوران گذريل ٻن مهينن ۾ 27 پوليس مقابلن ۾ 43 خطرناڪ ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي۔ ان حوالي سان ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي ملير پوليس جي ترجمان موجب سڄي ضلعي ۾ اسٽرٽ ڪرائيمز، ڦرن، گھرن ۾ چورين ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث ٽولن خلاف ڪارروايون جاري آهن۔ مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ ٿيل پوليس مقابلا دوران ڪيترائي ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا، جن جي قبضي مان هٿيار، گوليون، نقد رقم، ڦريل موبائل فونز ۽ ٻيو سامان هٿ آيو ايس ايس پي ملير جي رپورٽ مطابق ٿاڻو اسٽيل ٽائون پوليس هڪ مقابلي ۾ 2 ڏوهاري، شاهه لطيف ٽائون پوليس 5 مقابلا ڪري 7 ڏوهاري، سڪڻ پوليس 4 مقابلا ڪري 4 ڏوهاري، ابراهيم حيدري پوليس 4 مقابلا ڪري 6 ڏوهاري، قائدآباد پوليس 3 مقابلا ڪري 3 ڏوهاري، شرافی ڳوٺ پوليس 2 مقابلا ڪري 4 ڏوهاري، ملير سٽي پوليس 2 مقابلا ڪري 8 ڏوهاري، ميمن ڳوٺ پوليس 3 مقابلا ڪري 6 ڏوهاري، جڏهنتہ گڊاپ سٽي پوليس 3 مقابلا ڪري 3 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو مجموعي طور ضلع ملير پوليس 27 مقابلا ڪري 43 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ايس ايس پي ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو موجب ڪيترائي گرفتار ڏوهاري اڳ به مختلف ڪيسن ۾ جيل وڃي چڪا آهن ۽ آزاديءَ بعد ٻيهر وارداتن ۾ سرگرم ٿي ويا هئا۔ گرفتار ٿيل ڏوهاري مختلف ڦورن ۽ ڏوهن وارن ٽولن سان لاڳاپيل آهن، جيڪي اندرون سنڌ سميت ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اسٽرٽ ڪرائيمز، گهر ڦرن ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث رهيا آهن پوليس ترجمان موجب ملير پوليس شهرين جي حفاظت ۽ ڏوهن جي خاتمي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ به ڏوهارين خلاف ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪيون وينديون۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ايس ايس پي ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو
ملير پوليس پاران ڏوهارين
0 تبصرے