ايس ايڇ او ڪينجھر اسان کي ڪوڙين ايف آءِ آرز ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي: مظاهرين جو الزام
ٺٽو (شفيق ڀٽي)ڪينجھر ٿاڻي سامھون قومي شاھراھ تي سردار حاجي منور علي ھيلايو ۽ يونين ڪائونسل سونڊا جي معزز شھرين پاران ايس ايڇ او ڪينجھر خلاف احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب ٽريفڪ جي رواني سخت متاثر ٿي.احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا ايس ايڇ او ڪينجھر خلاف اعليٰ اختيارين وٽ شڪايتون داخل ڪرايون، پر ان جي باوجود ڪا به ڪارروائي نه ٿي.الٽو ايس ايڇ او ڪينجھر اسان کي ڪوڙين ايف آءِ آرن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.مظاهرين جو مطالبو هو ته ايس ايڇ او ڪينجھر کي فوري طور هٽايو وڃي ۽ سونڊا علائقي کي منشيات ۽ ڏوهن کان پاڪ ڪيو وڃي.انهن خبردار ڪيو ته جيستائين انهن جا مطالبا تسليم نٿا ڪيا وڃن، احتجاجي ڌرڻو جاري رهندو۔
0 تبصرے