ٺٽي ۾ سينئر استاد جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

ٺٽي ۾  سينئر استاد جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

ٺٽو( شفيق ڀٽي) ٺٽي شھر جي رھواسي سينيئر استاد خالد محمود کڏائي صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي تہ منهنجي عمر 56 سال آهي، آء جي پي ايس اسڪول ڪارو خان خاصخيلي تي آء اڳ مقرر هئس اُتي آء سڀني کان سينيئر استاد هئس، ان اسڪول ۾ آء باقاعده ڊيوٽي ڪندو هئس ۽ پنهنجي فرض کي پوري وفاداري سان نڀائيندي 50 ٻارڙن کي تعليم ڏيندو آھيان. پر ھاڻي STR تحت منهنجي بدلي جي پي ايس علي محمد هِنگورو تي ڪئي ويئي آھي، جتي اسڪول جو ڪوبہ نہ وجود نه عمارت، نه داخلا صرف پٿر پيا آهن. ھن چيو تہ اسانکي اسڪول جي جاء تي ھڪ ڳوٺاڻي ٻڌايو تہ هي اسڪول گذريل ڏيڍ سال کان اهڙي حالت ۾ پيو آهي. استاد خالد محمود کڏائي چيو تہ مونکي آءِ ٽي کاتي وارن STR جي بنياد تي ھن مٽي جي ڌڙي واري اسڪول تي بدلي ڪيو اھي، جنھن اسڪول جو ڪوبہ وجود ناھي، جن اسان جي TEO ۽ DEO کان ڪنهن به اسڪول جي حقيقي رپورٽ بہ ناھي ورتي. ھن الزام ھڻندي چيو تہ استادن کان بدلي لاءِ پئسا به ورتا ويا آهن۔ ھن چيو تہ جيڪي مون کي هتي بدلي ڪرائي آيا آھن، آٻ انهن کي ٻڌائڻ ٿو چاھيان ته استاد هتي اچي ويهندو ڪٿي؟ پڙهائيندو ڪِنهن کي؟ھن تعليم کاتي جي ڊائريڪٽر ۽ سيڪريٽري تعليم کان مطالبو ڪيو تہ مون کي ساڳئي اسڪول ۾ ٻيهر مقرر ڪيو وڃي جيئن آء پنهنجي تعليمي ذميواري ايمانداري سان جاري رکي سگهان ۽ جيڪي آفيسر ڄاڻي واڻي سينيئر استادن کي تڪليف ڏين ٿا، انهن کي به سندن عمل تي سزا ملڻ گهرجي تہ جيئن مستقبل ۾ ڪنهن ٻئي استاد سان اهڙي زيادتي نہ ٿئي.