صدر ۽ جنرل سيڪريٽري بار جي اڪائونٽ مان هڪ ڪروڙ 92 لک غير قانوني طور ڪڍرايا آهن: شير محمد اڄڻ ۽ ٻيا وڪيل
نوشهروفيروز(ڊ ر)نوشهرو فيروز بار ايسوسيئشن ۾ وڏو مالي اسڪينڊل جو انڪشاف، نوشهروفيروز بار ايسوسيئشن جي اڪائونٽ مان هڪ ڪروڙ 92 لک صدر ۽ جنرل سيڪريٽري غير قانوني طور تي ڪڍرائي ڇڏيا وڪيلن پاران صدر محمد اياز مري ۔جنرل سيڪريٽري شوڪت ٻوهيو مٿان مبينا طور الزام۔وڪلين پاران نوشهروفيروز بار ۾ پريس ڪانفرنس سنڌ بار ۽ پاڪستان بار کان نوٽس وٺي غير قانوني طور اڪائونٽ مان ڪڊهرائل پئيسا واپس ڪرائڻ جو مطالبو ڊسٽرڪٽ بار جي وڪيلن شير محمد اڄڻ۔ ابرار حسين چانڊيو۔ نعيم لهراڻي۔ شڪيل عباسي۔ ۽ ٻين وڪيلن پريس ڪانفرنس ڪندي چئيو ته نوشهروفيروز ضلعي بار جي الائيڊ بينڪ اڪائونٽ مان وڪيلن جي فيسن ۽ سرڪار پاران ڏنل فنڊن جا هڪ ڪروڙ 92 لک روپيا بار جو صدر اياز مري ۽ جنرل سيڪريٽري شوڪت ٻوهيو۔غير قانوني سان ڪڊهرائي ورتا آهن جڏهن ته اسان بينڪ اڪائونٽ چيڪ ڪرايوسين ته اڪائونٽ ۾ رڳو 9 لک 87 هزار موجود آهن بقايا رقم گم آهي هنن الزام هڻندي چئيوته بار جي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري پنهنجا اختيار اورانگي غيرقانوني طور سان پئسا ڪڍرايا آهن جيڪو عمل غلط آهي اسان سنڌ بار ۽ پاڪستان بار کي اپيل ٿا ڪريو ته هن سڄي معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي ۽ اڪائونٽ مان گم ٿيل وڪيلن جا پئيسا واپس ڪرايا وڃن ٻئي صورت ۾ سنڌ هائي ڪورٽ ۾ صدر ۽ جنرل سيڪريٽري خلاف پٽيشن داخل ڪئي ويندي ۽ ضلعي بار اندر سخت احتجاج ڪيو ويندو ٻئي پاسي الزام هيٽ آيل صدر محمد اياز مري ۽ جنرل سيڪريٽري شوڪت علي ٻوهيو سان رابطو ڪرڻ تي ٻنهي هن معملي تي موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو
0 تبصرے