English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ ڪلي جي ڳوٺ محمد رمضان کماڻ واسي جو نياڻي سان مبينا زيادتي خلاف احتجاج
158 views
|
27th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عارف کماڻ منهنجي ذهني نوجوان نياڻي کي ورغلائي کڻي ويو هو، مهيني تائين ساڻس زنا ڪندو رهيو: پرين کماڻ
ٺٽو (شفيق ڀٽي)مڪلي لڳ ڪي ڊي اي موري جي ڳوٺ محمد رمضان کماڻ واسي پرين کماڻ عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ دانهندي چيو آهي ته سندس درويش صفت، 35/30 سالا نياڻي شاھينه، جنهن جو دماغي توازن ٺيڪ نٿو رهي، کيس ڪجھ مهينا اڳ نالي عارب پٽ آغا کماڻ ڳوٺ مان ورغلائي کڻي هڪ مهينو گم ڪري زنا جو نشانو بڻائيندو رهيو۔سندس چوڻ موجب، اهڙي زيادتي بابت تر جي معتبر ڌرين کي پڻ شڪايتون ڪيون ويون، جنهن بعد هڪ مهينو زنا ڪرڻ کان پوءِ ساڳيو ملزم پنهنجي ڀائرن روشن کماڻ، محرم کماڻ ۽ ٻين جي مدد سان درويش صفت نينگري کي ڪورٽ ۾ شادي ڪرڻ لاءِ کڻي آيو۔ اسان به ڪورٽ ۾ پهتاسين ته نياڻي اسان کي ڏسي رڙيون ۽ گهوڙا گهوڙا ڪئي، جنهن بعد جوابدار موقعي تان ڪورٽ مان فرار ٿي ويا۔ان واقعي کان پوءِ اسان نينگري کي وٺي حد جي ٿاڻي تي مذڪوره ماڻهن مٿان زنا جو ڪيس داخل ڪرايو، پر پوليس صرف هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو، جڏهن ته مک جوابدار عارب توڙي ٻين فرار ٿيل ماڻهن خلاف پوليس جي بروقت ۽ مؤثر ڪارروائي نه ڪرڻ سبب هاڻي جوابدار هيسائي رهيا آهن۔پرين کماڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته نينگري جو ميڊيڪل پڻ ڪرايو ويو، جنهن ۾ ليڊي ڊاڪٽر پڻ زنا جي تصديق ڪئي ۽ ٻڌايو ته نينگري جي پيٽ ۾ ٻار پڻ آهي، پر ان جي باوجود پوليس اڃا تائين جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي۔هن چيو ته جوابدار ڌر هاڻي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ سان گڏ نينگري کي ٻيهر اغوا ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي۔ هن ايس ايس پي ٺٽو ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو آهي ته زنا ڪيس ۾ ملوث عارب کماڻ سميت سمورن جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري کيس تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽي ۾ ڪلي جي ڳوٺ محمد رمضان کماڻ
ٺٽو
ڪي ڊي اي موري جي ڳوٺ محمد رمضان کماڻ
0 تبصرے