English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: ليکڪ، اديب ۽ ٽي وي پروڊيوسر بادل جمالي جي ڪتاب جي مهورت
319 views
|
23rd Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪهاڻي مجموعي “آخري واردات” جي مهورتي تقريب ۾ ليکڪن اديبن سياسي سماجي اڳواڻن جي شرڪت
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌي ڪهاڻيءَ جي معتبر ۽ اثرائتي آواز بادل جمالي جي نئين ڪهاڻي مجموعي “آخري واردات” جي مهورتي تقريب عوامي پريس ڪلب ملير ۾ ادبي جوش ۽ جذبي سان منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ نامور اديبن، شاعرن، ليکڪن، صحافين سياسي, سماجي اڳواڻن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي تقريب ۾ ڪيترن ئي ڪتابن جي ليکڪ محمد علي پٺاڻ، شير مهراڻي، سينيئر صحافي زرار پيرزادو، پي ٽي وي ڪراچي جي مينيجر امجد شاھ، خدا ڏنو شاه، جاويد مھر سميت ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي مهمانن گڏجي گلن سان ڍڪيل ۽ سينگاريل ڪتاب کي پڌرو ڪيو ته هال تاڙين سان گونجي اٿيو تقريب ۾ ميزبان پريس ڪلب انتظاميا ليکڪ بادل جمالي سميت آيل مهمانن کي اجرڪون ۽ گل پيش ڪري کيس زبردست ڀيٽا ڏني تقريب ۾ خطاب ڪندي محمد علي پٺاڻ، شير مهراڻي، سينيئر صحافي زرار پيرزادو، پي ٽي وي ڪراچي جي مينيجر امجد شاھ، سيد خدا ڏنو شاه، پره سومرو، غلام نبي مگسي، سليم جي ميمن، سعيد گوپانگ، سامي ميمڻ ڪتاب جي ادبي اهميت تي تفصيل سان روشني وڌي. سندن چوڻ هو ته “آخري واردات” نه رڳو هڪ ڪهاڻي مجموعو آهي پر جديد سنڌي زندگيءَ جي فڪري، ثقافتي ۽ سماجي پرتَن کي کولي بيان ڪندڙ هڪ اهم ادبي دستاويز پڻ آهي۔192 صفحن تي مشتمل هن مجموعي ۾ ڏهه اثرائتي ڪهاڻيون شامل آهن، جن ۾ سماجي حقيقتون، انسان جي اندر جا احساس، سياسي تضادن جون ڇانون، محبت جون پيڙا ۽ جديد شهري زندگيءَ جا سوال نهايت سهيڙيل ۽ موثر نموني پيش ڪيل آهن مقررن موجب موجب بادل جمالي جي ڪهاڻين ۾ سادي پر جاندار ٻولي، گهري معنويت، مضبوط ڪردارنگاري ۽ انساني درد جو سچو اظهار ملندو آهي، جيڪو سندس فن کي منفرد ۽ يادگار بڻائي ٿو۔ ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻيون ــ “گهايل ڪيئن گهارين”، “سپنن کي ڪير سمجهائي”، “نصيبان جو نصيب”، “مسافر محبتون” ۽ “آخري واردات” ــ خاص طور پڙهندڙن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهن تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن چيو ته “آخري واردات” جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي دنيا ۾ هڪ اهم اضافو آهي، جيڪو نه رڳو پڙهندڙن کي متاثر ڪري ٿو پر موجوده دور جي انساني سماج جو آئينو به پيش ڪري ٿو بادل جمالي جي هن نئين ڪهاڻي مجموعي کي سنڌي ادب ۾ سونهري ورق طور ياد رکيو ويندو آخر بادل جمالي خوبصورت مهورتي تقريب ڪرڻ تي عوامي پريس ڪلب ملير جي انتظاميا صحافين ۽ شريڪ ماڻهن جو دلي شڪريو ادا ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان میں بڑھتے ہوئے تھیلیسیمیا کے کیسز اور خون کے عطیات کی اہمیت
30th Jul 2026
•
تازہ ترین
میرٹ اور مستقبل کے تحفظ کے لیے احتجاج کرنے والے نوجوان پرعزم، قومی شاہراہ پر دھرنے کی تجویز
30th Jul 2026
•
تازہ ترین
امریکا کا ایران کی سمندری ناکہ بندی مزید سخت کرنے کا دعویٰ
30th Jul 2026
•
تازہ ترین
امریکا نے ایران پر فضائی حملے شروع کر دیے
30th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ اھم اجلاس منعقد
30th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: سٽي پوليس پاران 4 جوابدار گرفتار ڪري 4 ڪلو آفيس ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ
30th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ڀرسان پٽ جو پيرسن والدين ۽ ڀاءُ تي مبينا تشدد
30th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ انڊيجيئنس رائيٽس الائنس پاران ملير ۽ شاهه حسن ٻيٽ تي زمينن تي قبضي خلاف احتجاجي تحريڪ جو اعلان
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ليکڪ، اديب ۽ ٽي وي پروڊيوسر بادل جمالي
محمد علي پٺاڻ
شير مهراڻي
سينيئر صحافي زرار پيرزادو
0 تبصرے