English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پورٽ قاسم ۾ کاڌي پيتي جا اسٽال لڳائيندڙ پورهيتن جو احتجاجي مظاھرو
142 views
|
19th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪيفي مهران کُلڻ کانپوءِ هوٽل مالڪ هٿياربند ساٿين سان گڏ کاڌو ۽ چانهه وڪڻندڙن تي هوائي فائرنگ ڪئي: مظاهرين
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پورٽ قاسم جي پارڪنگ ايريا ۾ موٽر سائيڪل اسٽالن تي کاڌي پيتي جون شيون وڪرو ڪندڙ پورهيتن جو بااثر هوٽل مالڪ جي مبينا غنڊا گردي ۽ پوليس جي بي حسي خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري هوٽل مالڪ خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي مظاهرين اصغر ماڇي ، وزير علي ماڇي، شهزاد ماڇي، حيدر ماڇي، چيٽو ڪبري ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته هو گذريل 20 سالن کان پورٽ قاسم جي گودامن سامهون اسٽالن تي کاڌو ۽ چانھ وڪرو ڪري پنهنجو گذر بسر ڪري رهيا آهيون، پر ڪيفي مهران هوٽل کُلڻ کان پوءِ صورتحال مڪمل طور تبديل ٿي وئي آهي مزدورن موجب هوٽل جو مالڪ پنهنجي هٿياربند ساٿين سان گڏ نه رڳو کاڌو ۽ چانهه وڪڻندڙن تي هوائي فائرنگ ڪئي، پر سموري علائقي ۾ خوف ۽ دهشت پيدا ڪئي۔ سندن چوڻ هو ته هوٽل مالڪ باقاعدي ڀتو وٺي ٿو، معمولي ڳالهه تي تشدد ڪري ٿو ۽ زبردستي کين اسٽال بند ڪرائي ٿو، جڏهن ته پوليس مڪمل طور تماشائي بڻيل آهي مظاهرين الزام هنيو ته گذريل ڏينهن هوٽل مالڪ شاھد آرائين جي ماڻهن پورهيت شهزاد ماڇي کي پڪڙي بيدرديءَ سان تشدد جو نشانو بڻايو، جڏهن ته ٻين پورهيتن تي پڻ سرعام فائرنگ ڪئي وئي سندن مطابق جڏهن هو بن قاسم ٿاڻي ۾ شڪايت درج ڪرائڻ ويا ته پوليس سندن فرياد ٻڌڻ لاءِ به تيار نه هئي۔ هنن چيو ته بااثر هوٽل مالڪ کين ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ته جيڪڏهن هو ٻيهر پورٽ قاسم يا ڀرپاسي وارن علائقن ۾ روزگار ڪرڻ آيا ته کين جاني نقصان پهچايو ويندو ۽ ڪوڙا ڪيس هڻي جـيـل موڪليو ويندو۔احتجاج ۾ شامل مزدورن وزيراعظم پاڪستان، وزيراعليٰ سنڌ، وزير پورٽس اينڊ شپنگ ۽ چيئرمين پورٽ قاسم اٿارٽي کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور واقعي جو نوٽيس وٺي ذميوارن خلاف شفاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ۽ غريب پورهيتن کي تحفظ ڏئي کين روزگار ڪرڻ ڏنو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
سندھ
جھڑک کے قریب نشے کے عادی شخص نے بیوی اور 2 بچوں کو قتل کرنے کے بعد خودکشی کر لی
01st Feb 2026
•
سندھ
کراچی سے ملکی و غیر ملکی سیاحوں کا وفد موہنجو دڑو پہنچ گیا، آثار قدیمه کا دورہ
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
پاکستان
بلوچستان میں سیکورٹی فورسز کی شاندار اور کامیاب کاروائیوں پر فوج اور سیکورٹی اداروں کو خراج تحسین پیش کرتی ہوں پارلیمانی سیکرٹری فرح ناز اکبر
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ پ پ جي جيالي جو پنهنجي چاچي خلاف احتجاج, جڳهه تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش جا الزام
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سيد علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
راندين واري کاتي پاران ٺٽي ۾ ڍڳن جي ڊوڙ جو مقابلو ڪرايو ويو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نيو ڇور ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائيل بابا نصرالله ولي ٽيم کٽي ورتو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
پورٽ قاسم جي پارڪنگ ايريا ۾ موٽر سائيڪل
0 تبصرے