English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ ٻن سونارڪي دڪانن مان ڪروڙين رپين جي مبينا چوري
190 views
|
17th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ سوناري جي ٻن دڪانن کي ڌار ڌار کاٽ، سونارا برادري طرفان ڪاروبار بند ڪري ڪروڙين رپين جو سون چوري ٿيڻ جون دانھون، احتجاجي مظاھرو، پ پ ايم پي اي امير علي شاھ عائشه مارڪيٽ پُھتو دڪاندارن سان معلومات وٺندي چوري واپس ڪرائڻ جي خاطري خبر موجب عمرڪوٽ شھر جي عائشه مارڪيٽ ۽ راڻا چوڪ ۾ سونارن جي ٻن دڪانن کي هڪ ئي رات ۾ ڌار ڌار کاٽ ھڻن جون وارداتون پيش آيون آھن جتي نامعلوم چور انيل ڪمار سوناري ۽ سونارڪو ڪم ڪندڙ مدن مالھي سونارو جي دڪان مان ڪروڙين رپين جي سون ۽ چاندي جا زيورات ۽ روڪ رقم چوري ڪري ويا جڏھن ته پيش آيل کاٽ جي وارداتن جو پتو تڏھن پيو جڏھن دڪان مالڪ پنھنجون دڪانون کولڻ لاء پُھتا ۽ اھڙو اطلاع ملڻ تي سونارا برادي توڙي آس پاس جا دڪاندار گڏ ٿي ويا جن راڻا چوڪ ۽ سونارا مارڪيٽ ۾ پنھنجو ڪاروبار بند ڪري سونارا ايسوسيئيشن جي صدر ڀيشم سونارو، کيتارام، لو ڪمار، ھريش ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي ويئي احتجاج ڪندي سونارا ايسوسيئشن جي صدر ڀيشم سوني ۽ ٻين چيو ته سونارا برادري جي انيل ڪمار ۽ سونارڪو ڪم ڪندڙ مدن مالھي سونارو جي دڪانن کي گذريل رات کاٽ ھڻي ڪروڙين رپين جي ماليت جا سون ۽ چاندي جي زيور ۽ روڪ رقم ۽ چوري ڪيا ويا آھن ۽ سي سي ٽي وي ڪيمرا به ٽوڙي گڏ کڻي ويا ھنن چيو ته دڪاندار جڏھن دڪان کولڻ لاء پُھتا ته خبر پئي ته وڏي کاٽ لڳي آھي جيڪو وڏي زيادتي آھي ۽ اسان اعلي اختيارين کي گذارش ٿا ڪريون ته لڳل کاٽ مامري جو نوٽيس وٺي چوري ٿيل سون ۽ چاندي جا زيور روڪ رقم ڏياري وڃي نه ته ٻيھر سخت احتجاج ڪيو ويندو جڏھن ته شھر جي مک ڪاروباري علائقن جي ٻن سونارڪو ڪم ڪندڙن جي دڪانن کي لڳل کاٽ جي اطلاع ملڻ تي پ پ ايم پي اي سيد امير علي شاھ ۽ ٻيا پ پ اڳواڻ پُھتا جن عائشه مارڪيٽ ۽ راڻا چوڪ تي پُھچي دڪاندارن سان ملاقات ڪري تفصيل ورتا ان موقعي تي پ پ ايم پي اي سيد امير علي شاھ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سونارن جي ٻن دڪانن کي لڳل کاٽ واري مامري جو گهرو وزير ضيا الحسن لنجار نوٽيس ورتو آھي ۽ ھن رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي ھن چيو ته عمرڪوٽ شهر جو امن امان پهرين ترجيع آهي ڪنهن به دڪاندار سان زيادتي نه ٿيندي چوري ٿيل سامان واپس ٿيندو ۽ چور قانون جي ڪٽهڙي ۾ ايندا ڪير ڪيترو بااثر ڇو نه هجي بچي نه سگهندا ھن چيو ته ايس ايس پي ۽ ڊي آءۡ جي سان رابطي ۾ آهيان پوليس ٽيمون ڪم ڪن پيو ٽيڪنيڪل ٽيمون به سرزمين تا ثبوت گڏ ڪري ويون آهن جلد جوابدار گرفتار ٿيندا ۽ سونارا برادري جي لڳل کاٽ جو سامان واپس ڏياريو ويندو لڳل کاٽ واري مامري تي پي ٽي آء جي اڳوڻي ايم اين اي لال مالھي چيو آھي ته عمرڪوٽ ضلعي ۾ ٽارگيٽ ڪري ھندو برادري کي نشانو بڻايو وڃي پيو لاڳيتو ڦرلٽ جي ڪوششن سبب پرامن ڪاروباري برادري عدم تحفظ جو شڪار ٿي وئي آھي جڏھن ته گذريل رات لڳل ٻن دڪانن کي کاٽ واري مامري جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ۾ ٻن سونارڪي دڪانن
0 تبصرے