English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ضلعي جي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي گڏجاڻي
418 views
|
14th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ممتا پروگرام جي تشهير کي وڌايو وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ عورتون پروگرام ۾ داخل ٿي سگهن: شڪيل ابڙو
شڪارپور(احسان ابڙو)شڪارپور ضلعي جي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي گڏجاڻي ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ ٿي گذري.ممتا پروگرام جي تشهير کي وڌايو وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ خواتين پروگرام ۾ داخل ٿي سگهن. شڪيل احمد ابڙو ڊي سي شڪارپور ضلعي شڪارپور جي 30 صحت مرڪزن تي اها سهولت موجود آهي جتي اھل عورتن ۽ ٻن سالن تائين جي ٻارن جي داخلا ڪئي پئي وڃي. ضلعي ۾ 43 هزار عورتون پروگرام ۾ شامل ٿي چڪيون آهن. ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر زاھد حسين ڏھوٽ تفصيل موجب اڄ سنڌ حڪومت جي ممتا پروگرام بابت شڪارپور ضلعي جي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي گڏجاڻي ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ ٿي گذري. جنهن جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ته "ممتا پروگرام" هڪ جامع پروگرام آهي جيڪو سنڌ سرڪار جي ٻين پروگرامن لاءِ پڻ سهڪاري ثابت ٿي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ممتا پروگرام جي ڪاميابي لاءِ سمورا اسٽيڪ ھولڊرز اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو ھدايت جاري ڪئي تہ ممتا پروگرام جي تشهير کي وڌايو وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ خواتين پروگرام ۾ داخل ٿي سگهن. گڏجاڻي دوران لاڳاپيل عملدارن پاران ممتا پروگرام جي اثرائتي عملداري بابت مختلف رٿون پڻ پيش ڪيون ويون. گڏجاڻي ۾ سنڌ حڪومت جي ممتا پروگرام بابت ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر زاهد حسين ڏھوٽ پروگرام متعلق تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته عالمي بينڪ جي تعاون سان صوبي سنڌ جي 15 ضلعن ۾ ممتا پروگرام ڪاميابي سان جاري آهي ۽ ضلعي شڪارپور جي 30 صحت مرڪزن تي اها سهولت موجود آهي جتي اھل عورتن ۽ ٻن سالن تائين جي ٻارن جي داخلا ڪئي پئي وڃي. ضلعي ۾ 43 هزار عورتون پروگرام ۾ شامل ٿي چڪيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته پروگرام ۾ رجسٽر ٿيل عورتن کي پاليسي موجب مالي سھائتا ڪئي پئي وڃي ۽ اها رقم بينڪ الفلاح جي ايجنٽس ذريعي ڏني وڃي ٿي. ڪنهن به ڪٽوتي يا پروگرام متعلق شڪايت جي صورت ۾ هيلپ لائن 1054 يا تي پڻ شڪايت ڪري سگهجي ٿي. گڏجاڻي ۾ نادرا ۽ لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ کي ممتا جي ڪلائنٽس کي ترجيحي بنيادن تي سروس مهيا ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي. گڏجاڻي ۾ تمام اسسٽنٽ ڪمشنرز، ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر نادر علي پنهور، ڊسٽرڪٽ مينيجر پي پي ايڇ آئي حيدر علي شاھ، اين اسٽاپ، ڊبليو ايڇ او، نادرا جي نمائندن، آر ايم اين سي ايڇ، فوڪل پرسن اي پي آئي، ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ، سرسو ڪوآرڊينيٽر ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان میں بڑھتے ہوئے تھیلیسیمیا کے کیسز اور خون کے عطیات کی اہمیت
30th Jul 2026
•
تازہ ترین
میرٹ اور مستقبل کے تحفظ کے لیے احتجاج کرنے والے نوجوان پرعزم، قومی شاہراہ پر دھرنے کی تجویز
30th Jul 2026
•
تازہ ترین
امریکا کا ایران کی سمندری ناکہ بندی مزید سخت کرنے کا دعویٰ
30th Jul 2026
•
تازہ ترین
امریکا نے ایران پر فضائی حملے شروع کر دیے
30th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ اھم اجلاس منعقد
30th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: سٽي پوليس پاران 4 جوابدار گرفتار ڪري 4 ڪلو آفيس ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ
30th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ڀرسان پٽ جو پيرسن والدين ۽ ڀاءُ تي مبينا تشدد
30th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ انڊيجيئنس رائيٽس الائنس پاران ملير ۽ شاهه حسن ٻيٽ تي زمينن تي قبضي خلاف احتجاجي تحريڪ جو اعلان
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شڪارپور ضلعي جي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن
0 تبصرے