English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اسٽيل ٽائون ۾ احتجاج ڪندڙن تي داخل ڪيس ۾ برطرف ملازم جو معصوم پٽ به نامزد
45 views
|
13th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
اسان ڪنهن ايف آءِ آر يا ڪيس کان نٿا ڊڄون، جدوجهد هر حال ۾ جاري رهندي: اڳواڻ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) اسٽيل ٽائون گيسٽ هائوس آڏو جبري برطرف ملازمن جي احتجاج تي اسٽيل ملز پوليس پاران ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ علائقي ۾ صورتحال بدستور ڇڪتاڻ واري آهي۔ پوليس غير معمولي تڪڙ ڪندي نه رڳو احتجاج ۾ شرڪت ڪندڙ مزدورن کي ڪيس ۾ نامزد ڪيو پر برطرف ملازم الله رکيو زرداري جي هڪ سال جي پٽ حماد کي به ايف آءِ آر ۾ شامل ڪري ڇڏيو۔ پوليس جي اهڙي غير ذميوارانه ڪارروائي تي عوامي ۽ سماجي حلقن ۾ سخت ردعمل ظاهر ڪيو ويو آهي۔شهرين جو چوڻ آهي ته هڪ معصوم ٻار کي احتجاجي ڪيس ۾ شامل ڪرڻ ظلم ۽ ناانصافي جي بدترين مثال آهي، جيڪا انساني حقن ۽ انصاف جي تقاضائن جي ڀڃڪڙي آهي۔ٻئي پاسي، ڪيس ۾ نامزد پاڪستان پيپلز پارٽي جي مقامي اڳواڻن ۽ چونڊيل مڪاني نمائندن مير عباس، رائو صفدر، دهني بخش سمو ۽ ٻين اڄ ملير ڪورٽ ۾ پيش ٿي پنهنجون ضمانتون ڪرائي ڇڏيون عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته "اسان ڪنهن ايف آءِ آر يا ڪيس کان نه ٿا ڊڄون، مزدورن جي حقن جي جدوجهد هر حال ۾ جاري رهندي۔اڳواڻن ٻڌايو ته اڄ پارٽي اڳواڻن ۽ مزدور نمائندن جو هڪ اهم اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ايندڙ ڏينهن لاءِ نئون لائحه عمل طئي ڪيو ويندو، جيئن جبري برطرف ملازمن، پاڻي، بجلي ۽ گيس جي بحالي سميت انهن جي حقن لاءِ منظم تحريڪ جاري رکي سگهجي۔واضح رهي ته اسٽيل ملز جا جبري برطرف ملازم ڪيترن ئي ڏينهن کان نوڪرين جي بحالي لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪري رهيا آهن، پر اڃا تائين انتظاميا طرفان ڪو به واضح جواب سامهون ناهي آيو۔ عوامي دٻاءَ ۾ واڌ کان پوءِ معاملو هاڻي هڪ نازڪ مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي، ۽ سياسي ۽ سماجي حلقن پاران مطالبو ڪيو پيو وڃي ته حڪومت هن ناانصافي جو فوري نوٽيس وٺي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Dec 2025
•
تازہ ترین
فیصل آباد: ماموں کانجن میں ظالم بیوی نے ڈانٹ ڈپٹ کا بدلہ لینے کے لئے خاوند کی زبان کاٹ ڈالی
03rd Dec 2025
•
دنیا
آئس لینڈ دنیا کے سب سے محفوظ ممالک میں شامل، محفوظ ترین ممالک کی فہرست جاری
03rd Dec 2025
•
دنیا
بھارت میں لرزا خیز سانحہ: عورت نے حسد میں آکر اپنے ہی بیٹے سمیت 4 بچوں کی جان لے لی
03rd Dec 2025
•
سندھ
کراچی پریس کلب کے ممبرز کے639 پلاٹس کا حصول بڑی کامیابی ہے،سہیل افضل خان
03rd Dec 2025
•
تازہ ترین
فیصل آباد: ماموں کانجن میں ظالم بیوی نے ڈانٹ ڈپٹ کا بدلہ لینے کے لئے خاوند کی زبان کاٹ ڈالی
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سڄي سنڌ جيان ملير به ثقافتي رنگ سان رڱجي ويو
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: ميمڻ گوٺ ۾ مائي نياڻي درگاهه ڀرسان ندي مان اڻڄاتل شخص جي لاش هٿ
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ڪورٽ ۾ حادثو، مزدور ٽئين ماڙ تان هيٺ ڪري فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
اسٽيل ٽائون گيسٽ هائوس آڏو
0 تبصرے