English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
27هين آئيني ترميم وسيلي قانون ۽آئين کي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلايو ويو آهي: لال جروار
200 views
|
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي ھائبرڊ مارشلا کي قانوني شڪل ڏئي ڇڏي آھي: عوامي تحريڪ جو اڳواڻ
نوشھروفيروز(ڊ ر) 27ھين ترميم عوامي تحريڪ جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار پڊعيدن پريس ڪلب تي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته 27 آئيني ترميم وسيلي،صدر، وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل کي تاحيات مراعتون ڏيڻ جو مقصد ملڪ ۾ قانون ۽آئين کي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائي شھنشاھي نظام لاڳو ڪرڻ برابر آھي. ھن وڌيڪ ڳالھائيندي ٻڌايو ته مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي ھائبرڊ مارشلا کي قانوني شڪل ڏئي ڇڏي آھي.ٻئي حڪمران پارٽيون اسٽيبلشمينٽ جون وفادار ۽ سھولتڪار آھن ٻنھي اقتداري پارٽين 25 ڪروڙ عوام سان ويساھ گھاتي ڪري عوام جي نمائندگي ڪرڻ جو حق وڃائي چڪيون آھن. 27ھين آئيني ترميم وسيلي سنڌ جي معدني وسيلن تي قبضو ڪري سنڌ جي وجود تي وار ڪيو ويندو. عدالتن جا اختيار ختم ڪري انصاف جو جنازو ڪڍيو ويو آھي. ھن چيو ته 27ھين آئين ترميم جي حمايت ڪندڙ ملڪ جي باني محمد علي جناح جي بنيادي اصولن ۽ 25 ڪروڙ عوام سان ويسا گھاتي ڪرڻ برابر آھي. .پاڪستان جي خالق صوبي سنڌ جي پنجن ھزارن سالن جي تاريخ ۽ سنڌي قوم جو نالو نشان ختم ڪري ڌرتي ڌڻين کي پنھنجي ئي وطن ۾ بي وطن ڪرڻ جي مجرمانه منصوبابندي ڪئي پئي وڃي. اڳواڻن چيو ته 27هين آئيني ترميم خلاف 16 نومبر تي سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد ۾ عظيم الشان پرامن احتجاجي مارچ ڪيو ويندو. سنڌ جي گھڻگھرن کي اپيل ڪئي آھي ته وڌ کان وڌ مارچ ۾ شرڪت ڪري قومي ٻڌي جو ثبوت ڏين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
رئيس حاجي بنگل خان چانگ هڪ منفرد شخصيت..!!
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر زرداری کی صحت سے متعلق افواہیں بے بنیاد ہیں: سلیم مانڈوی والا
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی ناکہ بندی کے باوجود آبنائے ہرمز سے ایران کے 34 آئل ٹینکر گزر گئے
23rd Apr 2026
•
سندھ
جاگیردارانہ نظام نامنظور — خواتین کے قتل، تشدد اور ہراسانی کے خلاف کراچی میں احتجاج
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سانگهڙ ويجهو آئل ٽينڪر رڪشا مٿان چڙهي ويو، ماءُ ڌيءَ فوت، 3 ڄڻا زخمي
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي زندگيءَ جھنم بڻائي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: کاروڙو واري علائقي ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول شهر ۾ آمڙا ۽ لوهار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
لال جروار
27هين آئيني ترميم وسيل
مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي
نوشھروفيروز
0 تبصرے