ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي) سمان ڪمپوزنگ سينٽر جي مالڪ ۽ رٽائرڊ سيڪنڊري استاد بشير الله سمون عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته هن سان جڳھ جي ھڪ سودي ۾ فراڊ ڪيو ويو آهي۔بشير الله سمون جو چوڻ هو ته تعلقي گھوڙاٻاڙي جي شھر ور جي رهائشي اصغر شاه ولد امير احمد شاه، بروڪر نواز ولد جمن مڙاھي جي ذريعي ساڻس سندن جڳھ جو سودو ستر لک رپين ۾ گواهن جي موجودگيءَ ۾ طئي ڪيو هو، جنهن جي لکت به موجود آهي۔ هن ٻڌايو ته سودي جي ايڊوانس طور هڪ لک رپين جو چيڪ به اصغر شاه جي نالي تي کيس ڏنو ويو، جيڪو اصغر شاه پاڻ وڃي بينڪ مان ڪيش ڪرايو، جنهن جو رڪارڊ به موجود آهي۔رٽائرڊ استاد جو الزام هو ته جڏهن سودي ۾ طئي ٿيل تاريخ تي کانئن جڳهه جو قبضو گهريو ويو ته اصغر شاه ٽال مٽول شروع ڪري ڏني ۽ نه صرف پلاٽ جو قبضو ڏيڻ کان نابري واري ويٺو آھي، پر جڏهن مون کانئس ايڊوانس رقم واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ته هن کيس مبينا طور موتمار ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪري ڏنيون ۽ رقم واپس ڪرڻ کان به صاف انڪار ڪري ڇڏيو آھي۔بشير الله سمون وڌيڪ الزام هنيو ته مختلف ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته اصغر شاه ۽ بروڪر نواز ٻين ڪيترن ئي ماڻهن سان به اهڙي قسم جا فراڊ ڪري چڪا آهن۔ هو گڏجي ماڻهن کي جڳھيون ڏيکاري ايڊوانس رقم وٺن ٿا ۽ پوءِ قبضو به ناھن ڏيندا۔هن ڊي سي ٺٽو، ايس ايس پي ٺٽو ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته هڪ رٽائرڊ استاد هجڻ جي ناتي کيس انصاف فراهم ڪيو وڃي، سندس رقم واپس ڪرائي وڃي ۽ مبينا فراڊ ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي۔
0 تبصرے