English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اسان گڏجي ٽوڙي بچاءُ بند ۽ ٻين حساس بندن جو دورو ڪيو آهي ۽ ان جي ڏينهن رات نگراني ڪئي پئي وڃي: مڪيش چاولا
103 views
|
31st Aug 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ ٻوڏ واري صورتحال بابت ڊي سي آفيس ۾ هنگامي گڏجاڻي
شڪارپور ( احسان ابڙو ) شڪارپور ۾ ٻوڏ واري صورتحال بابت ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ايڪسائيز اينڊ نارڪو ٽيڪس جي صوبائي وزير جي گڏجاڻي.تفصيل موجب شڪارپور ۾ ٻوڏ واري صورتحال بابت ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ايڪسائيز اينڊ نارڪو ٽيڪس جي صوبائي وزير جي گڏجاڻيشڪارپور ۾ ٻوڏ واري صورتحال بابت ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ايڪسائيز اينڊ نارڪو ٽيڪس جي صوبائي وزير جي گڏجاڻي. گڏجاڻي ۾ فوڪل پرسن ۽ صوبائي وزير براءِ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪس مڪيش چاولا، وزيراعليٰ سنڌ جو صلاحڪار ۽ ٻيلي کاتي جو وزير مير بابل خان ڀيو، ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر نادر علي پنھور، ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ، ريسڪيو 1122 انچارج ساجد علي ٻرڙو، ايڪسيئن ايريگيشن عزيز الرحمان، ايس ڊي او لعل محمد مھر، ايڪسئين واپڊا ھوش محمد سيٺار ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس دوران مختلف بندن ۽ بچاءَ لاءِ ڪيل انتظامن جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي فوڪل پرسن مڪيش چاولا ۽ ٻين آفيسرن چيو ته اسان گڏجي ٽوڙي بچاءُ بند ۽ ٻين حساس بندن جو دورو ڪيو آهي. نيوي، آرمي، رينجرز ۽ ضلعي انتظاميا جا آفيسر ۽ ملازم ڏينهن رات نگراني ڪري رهيا آهن.پاڻي جي ممڪن ريلي کي گذارڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي ڪچي جا ڪيترائي علائقا اڳواٽ خالي ڪرايا ويا آهن. ٻيڙيون ۽ لانچون پڻ طلب ڪيون ويون آهن ته جيئن هنگامي حالتن ۾ ماڻهن کي محفوظ جڳهن ڏانهن منتقل ڪري سگهجي. ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، شڪارپور ۽ جيڪب آباد جي آفيسرن سان رابطو برقرار آهي ۽ گڏيل طور تي علائقي ۾ پيٽرولنگ جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ضلعي انتظاميا عوام کي به اپيل ڪئي ته هو پاڻ به احتياط ڪن ۽ هنگامي حالتن ۾ ضلعي انتظاميا سان مڪمل سهڪار ڪن. ان موقعي تي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر نادر پنھور چيو ته اسان ھيلٿ ڊپارٽمينٽ طرفان ايمرجنسي کي منھن ڏيڻ لاء ضلعي جي سموري عملي جون موڪلون بند ڪيون آھن ۽ ايمرجنسي جي بنياد تي اسان 6 ڪيمپن ۽ دوائن ـ عملي سميت بندوبست ڪيو آھي. ان موقعي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اينيمل ڊاڪٽر ذوالفقار علي مھر چيو ته اسان ايمرجنسي ۾ ھن وقت 13 ڪيمپن جو دوائن سميت بندوبست ڪيو آهي ـ ان موقعي تي 1122 جي انچارج چيو ته اسان وٽ 10 گاڏيون ۽ 50 عملو ايمرجنسي جي بنياد موجود آهي ـ
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
مڪيش چاولا
شڪارپور ۾ ٻوڏ
0 تبصرے