English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٿرپارڪر ۾ هلندڙ مختلف پراجيڪٽس بابت پرڏيهي وفد پاران دورو
109 views
|
17th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
پرڏيهي وفد ۾ جيسيڪا ايڊمز ، انسيا سليم ، شازيه نويد شامل هيون
مٺي (رپورٽر ) ٿرپارڪر ۾ نياڻين جي تعليم ، ننڍي عمر ۾ شادين متعلق آگاهي ۽ مقامي ماڻھن کي خود ڪفيل بڻائڻ لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي اداري سوشل ڪوآپريشن انيشيٽو پاران هلندڙ مختلف پروجيڪٽن جو غير ملڪي وفد پاران دورو ڪيو ويو . وفد ۾ جيسيڪا ايڊمز ، انسيا سليم ، شازيه نويد شامل هيون وفد پاران ڳوٺ سوڀارو ، ڀارمليو ۾ ھلندڙ اسڪولن ، ڳوٺ کارسر ۾ ھلندڙ نان فارمل سينٽرن ۽ سوڀارو ۾ اداري پاران روزگار خاطر ماڻھن کي ڪاروبار کولي ڏيڻ جو تفصيلي دورو ڪري مقامي ماڻھن سان ملاقات ڪئي ۽ نياڻين جي تعليم متعلق ڳوٺاڻن کي آگاهي ڏني. ريڊ فائونڊيشن يوڪي جي ڊائريڪٽر آف ڪميونيڪيشن، جيسڪا ايڊمز موجب، مقامي تنظيمون ۽ اين جي اوز گڏجي ڇوڪرين جي تعليم جي فروغ لاءِ سرگرم آھن ڪميونٽي ۾ آگاهي وڌائڻ سان والدين کي اهو احساس ڏياريو پيو وڃي ته ڇوڪرين کي اسڪول موڪلڻ ڪيترو ضروري آهي۔ هنن ڪوششن سان نه رڳو ننڍي عمر ۾ شاديون گهٽ ٿينديون، پر ڇوڪرين کي وڌيڪ تعليم ۽ زندگيءَ جون صلاحيتون به حاصل ٿينديون۔ اڃان به هن پروگرام بهتر بڻائي رهيا آهيون.سي اي او سوشل ڪوآپريشن انيشيٽو سجاد حسين ملڪ چيو ته اسان ٿرپارڪر ۾ نياڻين جي تعليم متعلق ڪم ڪري رهيا آهيون جتي سرڪاري اسڪول آھن يا نان فارمل سينٽر انهن ۾ ڇوڪرين کي داخل ڪرايو وڃي. نو مهينن ۾ نو سئو ڇوڪرين کي اسڪولن ۾ داخل ڪرايو آھي ۽ انهن کي اسٽيشنري ڏني انهن ۾ 200 ڇوڪرين جي والدين کي مالي سپورٽ طور ڪاروبار کولي ڏنو آھي جيئين اهي مالي طور مستحڪم ٿين. ڇوڪريون تعليم يافته هونديون تڏھن ئي بهتري ممڪن آھي. انهي موقعي تي ساديه شڪيل ، رابعيه اڪبر بجير ، منيت کوکر ، ڊاڪٽر اجئه ، نگجي سوڍو ، وڪيل قربان سميجو ، همٿو ڀيل ۽ ٻيا موجود هئا. جڏھن ته وفد جي پهچڻ تي مختلف ڳوٺن ۾ مقامي ماڻھن پاران لوڪ گيتن ، رقص ۽ هار پارائي آجيان ڪئي وئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان دہشت گردی کے پیچھے بھارت کا ہاتھ بے نقاب، گرفتار ملزمان کے انکشافات — خواجہ آصف
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ڈی جی خان میں ہائی الرٹ: پنجاب سے بلوچستان جانے والے تمام راستے بند
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ایف سی ہیڈکوارٹر پشاور خودکش حملہ: منصوبہ بندی افغانستان میں ہوئی، سہولت کار بے نقاب
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان میں فیصلہ کن کارروائی: 145 دہشت گرد ہلاک، ریاست کے آگے سرنڈر نہیں کریں گے — سرفراز بگٹی
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان دہشت گردی کے پیچھے بھارت کا ہاتھ بے نقاب، گرفتار ملزمان کے انکشافات — خواجہ آصف
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ڈی جی خان میں ہائی الرٹ: پنجاب سے بلوچستان جانے والے تمام راستے بند
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ایف سی ہیڈکوارٹر پشاور خودکش حملہ: منصوبہ بندی افغانستان میں ہوئی، سہولت کار بے نقاب
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان میں فیصلہ کن کارروائی: 145 دہشت گرد ہلاک، ریاست کے آگے سرنڈر نہیں کریں گے — سرفراز بگٹی
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٿرپارڪر ۾ هلندڙ مختلف
0 تبصرے