English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
لاڙڪاڻو: رحمت پور ٿاڻي جي حد ۾ گهرو اڻبڻت تان نوجوان ناري مڙس هٿان قتل، جوابدار گرفتار
54 views
|
15th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڳوٺ جڙيو چانڊيو ۾ اياز ڏيٿو گهرو اڻبڻت تان پنهنجي نوجوان زال نصيبا کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪري ڇڏيو
لاڙڪاڻو (بيورو) رحمت پور ٿاڻي جي حد ڳوٺ جڙيو چانڊيو ۾ گهرو اڻبڻت تان جوابدار مڙس پنهنجي گهر واري نصيبه ڏيٿو کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪري ڇڏيو واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ چانڊڪا اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو . ان موقعي تي مقتولا عورت جي امڙ ڪلثوم ڏيٿو ٻڌايو ته منهنجي ڌيءَ کي سندس مڙس اياز ڏيٿو گهرو اڻبڻت تان ڪهاڙيون هڻي قتل ڪرڻ بعد سندس جا ٻار کڻي فرار ٿي ويو آهي جنهن منهنجي ننهن کي پڻ زخمي ڪيو آهي. هن مطالبو ڪيو ته ڄاٽي کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو گهرو اڻبڻت تان پيش آيو آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. ٻي طرف رحمتپور ٿاڻي جي پوليس جوابدار مڙس اياز ڏيٿو کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدار جو چوڻ هو ته جڳھ وڪرو ڪرڻ تان ساهرا ناراض هئا، سهري اسماعيل هڪ هزار روپيا گهريا، نه ڏيڻ تان هن جهيڙو ڪيو ، سهري اسماعيل ڏنڊو هنيو تہ مون ڪهاڙيء کنئي، وچ ۾ ڇڏائڻ دوران گهرواري کي ڪهاڙي لڳي وئي، پوليس جو چوڻ هو ته جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي، فريادي جي اچڻ کانپوءِ ڪيس داخل ڪنداسين، اڄ صبح جو گهريلو اڻبڻت تان جوابدار ڪهاڙين جا وار ڪري گهر واري کي قتل ڪيو هو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Dec 2025
•
سندھ
کراچی: 75لاکھ سے زائد مالیت کی غیر ملکی شراب کی بڑی کھیپ پکڑی گئی
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیکیورٹی فورسز کی کارروائیاں، بھارتی حمایت یافتہ 9 دہشت گرد ہلاک
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
کوئی کسی کو مائنس نہیں کر سکتا، آپس کی لڑائی نقصان دہ ہے، ملک بچانے کے لیے اتحاد کرنا ہوگا: خواجہ سعد رفیق
21st Dec 2025
•
کھیل
بھارت کو 191 رنز سے عبرتناک شکست، پاکستان انڈر 19 ایشیا کپ کا چیمپئن بن گیا
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ لکين رپين جي منشيات هٿ اچڻ وارو معاملو، ايس ايڇ او معطل
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان معصوم ٻار جو لاش هٿ، بن قاسم ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي نامياري اديب راشد لکمير جي صدارت هيٺ ٿي گذري
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڍورونارو پريس ڪلب جي سالياني چونڊ، عبدالستار چوپاڻ صدر، عاصم عارف قريشي نائب صدر چونڊجي ويا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
لاڙڪاڻو
نصيبه ڏيٿو کي ڪهاڙيون
0 تبصرے