English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪمشنر ڪراچي پاران پاڪستان اسٽيل ملز بابت معاهدن تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ اجلاس طلب
49 views
|
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
9آڪٽوبر تي ڪمشنر ڪراچي جي صدارت هيٺ سندس آفيس جي ڪميٽي روم ۾ اجلاس ٿيندو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪميشنر ڪراچي ڊويزن پاران پاڪستان اسٽيل ملز سان لاڳاپيل پاڻي جي فراهمي، تعليمي ادارن ۽ صحت جي سهولتن بابت مفاهمتي يادداشتن (MoUs) تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اهم فالو اَپ اجلاس 9 آڪٽوبر تي طلب ڪيو ويو آهي۔ سرڪاري اطلاع موجب اجلاس ڪميشنر ڪراچي جي آفيس جي ڪميٽي روم ۾ ٿيندو، جنهن جي صدارت ڪميشنر ڪراچي پاڻ ڪندا۔ اجلاس جي اطلاعن مطابق هي نوٽيس اسسٽنٽ ڪميشنر ريوينيو سجاد احمد ابڙو طرفان جاري ڪيو ويو آهي اجلاس ۾ هي اهم عملدار ۽ لاڳاپيل ڌريون شرڪت ڪنديون پاڪستان اسٽيل ملز جا چيئرمين ۽ ڪارپوريٽ سيڪريٽري،ڊپٽي ڪميشنر ملير،ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جو سي اي او، ضلعي صحت آفيسر ۽ ضلعي تعليم آفيسر مليرڊائريڪٽر ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ڪراچي، ۽ مسٽر شمشاد قريشي، ڪنوينر گرينڊ الائنس آف ايمپلائز آف پاڪستان اسٽيل ملز اجلاس جو ايجنڊو 9 اپريل 2025ع تي ٿيل گذريل اجلاس ۾ طئي ڪيل فيصلن جي عملداري ۽ اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ تي ٻڌل هوندو، جنهن ۾ پاڪستان اسٽيل ملز جي ملازمن ۽ ويجهن علائقن جي رهواسين لاءِ بنيادي شهري ۽ فلاحياتي سهولتن ۾ سڌارن تي غور ڪيو ويو هو ڪميشنر ڪراچي طرفان سڀني لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي اجلاس ۾ پنهنجي حاضري ۽ مڪمل سهڪار کي يقيني بڻائن، جيئن پاڪستان اسٽيل ملز سان لاڳاپيل پاڻي، تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي بهتري لاءِ ايندڙ قدمن جو تعين ٿي سگهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
غربت ۽ بيروزگاري، جنھن سان زندگي زھر بڻجي ٿِي!
22nd Dec 2025
•
دنیا
مکہ مکرمہ میں منشیات اسمگلنگ، دو پاکستانی شہریوں کو سزائے موت دے دی گئی
22nd Dec 2025
•
پاکستان
پی آئی اے کی نجکاری کا اہم مرحلہ، 75 فیصد شیئرز کی بولی کل ہوگی
22nd Dec 2025
•
تازہ ترین
بنگلادیش میں جماعتِ اسلامی کی کامیابی کے لیے دعا گو ہیں: خواجہ سعد رفیق
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
اسٽيل ملز سيڪيورٽي عملدارن هٿان مارجي ويل نوجوان ٻئي عملدارن خلاف داخل ڪيس جي ڪاپي
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ ايس ايڇ او افتخار باجوا جي معطلي بعد محمد حسين جٽ ايس ايڇ او مقرر
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو، مڪلي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڊمپر ۽ ٽرڪ حادثن ۾ اضافو
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ابراهيم حيدري ٽائون آفيس ڀرسان رزاق آباد جو غريب آباد پارڙو مسئلن جي ور چڙهيل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪمشنر ڪراچي
پاڪستان اسٽيل ملز
0 تبصرے