English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: موسيٰ ڳوٺ کان پي ڪي ڪمپني تائين پورهيتن ۽ ڳوٺاڻن جو احتجاجي مارچ
61 views
|
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مقامي ماڻهن لاءِ روزگار ۽ برطرف پورهيتن جي بحالي لاءِ گندي پاڻي مان گذري ڪمپني جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ملير ۾ مقامي پورهيتن ۽ ڳوٺاڻن موسي ڳوٺ کان پي ڪي نجي گوشت ڪمپني تائين وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي جنهن جي اڳواڻي ملير جدوجهد ڪميٽي جي فيض سنڌي، اقبال ڪلمتي، وهاب گبول، شيراز سولنگي ۽ ڄام اورنگزيب جوکيو، آڪاش کٽي ۽ ساجد گوريلو ڪري رهيا هئا جنهن ۾ سون جي تعداد ۾ علائقي جي نوجوانن، پورهيتن، ڳوٺ جي جي معززن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ريلي ۾ شامل ماڻهن جي هٿن ۾ ڪارا جهنڊا ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌل هيون، جڏهن ته هو بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪندا پي ڪي گوشت ڪمپني جي سمورن رستن تي موجود گٽر جي گندي پاڻي مان گذري ڪمپني جي مک گيٽ تائين پهچڻ م ڪامياب تي ويا جتي هنن انتظاميا خلاف مسلسل نعريبازي ڪئي ان انتظاميا گيت بند ڪري ڇڏيا ۽ احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن ئ اڳواڻ سان ملاقات ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏ يو ۽ هڪ آفيسر موڪلي اڳواڻن کان لکت ۾ مطالبن تي مشتمل يادداشت نامو وصول ڪيو يادداشت ۾ مطالبو ڪيو ويو ته مقامي بيروزگارن کي فوري طور تي روزگار ڏنو وڃي.نوڪري مان نڪالي ڏنل 50 کان وڌيڪ پورهيتن کي بحال ڪيو وڃي پورهيتن جي پگهار سنڌ حڪومت جي اعلان موجب مقرر ڪئي وڃي.جچن ملازمن کي پڪو ڪيو وڃي احتجاجي ريلي کي اڳواڻن خطاب ڪندي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن هڪ هفتي اندر مطالبا پورا نه ڪيا ويا ته هزارين ڳوٺاڻا پي ڪي گوشت ڪمپني جي مک گيٽ اڳيان ڌرڻو هڻي ويهي رهندا ۽ مطالبن جي مڃتا تائين ڌرڻو جاري رکيو هنن چيو ته ڪمپني جي رستن تي گوڏي جيڏو گٽر جو گندو پاڻي موجود آهي جنهن سبب ڳوٺن جا ٻه معصوم ٻارڙي مليريا وگهي فوت ٿي چڪا آهن جڏهن هڪ پورهيت زخمي ٿيڻ بعد اڄ اسپتال م فوت ٿي ويو آهي اهڙين حالتن م سلبت لا هاڃيڪار گوشت ارڪپورت ڪيو پيو وڃي ۽ ڪمپني کي مقامي ماڻهن لا جيل بڻايو ويو آهي اڳواڻن سنڌ جي وڏي وزير، پورهئي ۽ صنعتن جي صوبائي وزير، ليبر کاتي، انساني حقن جي تنظيمن، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪئي ته هو مقامي پورهيتن سان انصاف لاءِ فوري قدم کڻن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
پاکستان
بلوچستان میں سیکورٹی فورسز کی شاندار اور کامیاب کاروائیوں پر فوج اور سیکورٹی اداروں کو خراج تحسین پیش کرتی ہوں پارلیمانی سیکرٹری فرح ناز اکبر
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
کراچی: جماعتِ اسلامی کے امیر حافظ نعیم الرحمن کی مبینہ آڈیو لیک
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان دہشت گردی کے پیچھے بھارت کا ہاتھ بے نقاب، گرفتار ملزمان کے انکشافات — خواجہ آصف
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
بحريا ٽائون انتظاميه جي ڪارروائي، فليٽن آڏو گذرندڙ ٻڪرين کي پڪڙي ورتو
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عوامي پريس ڪلب ملير جون چونڊون، سيد سجاد علي شاھ صدر چونڊجي ويو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهرو فيروز ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران ايم ظفر تڳر جي مان ۾ آجياڻو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
موسيٰ ڳوٺ کان پي ڪي ڪمپني
ملير
0 تبصرے