English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
حيدرآباد ۾ سنڌياڻي تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ ۽ پٺاڻ ڳوٺ جي رهواسي عورتن ۽ ٻارن سان ٽرانسفارمر تبديل نہ ٿيڻ خلاف ڌرڻو
87 views
|
24th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
حيسڪو چيف آفيس حسين آباد سامھون مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو
حيدرآباد: سنڌياڻي تحريڪ ،قومي عوامي تحريڪ ۽ پٺاڻ ڳوٺ گدو ناڪو حيدرآباد جي رهواسين عورتن ۽ ٻارن سان گڏجي 4 مھينن کان بجلي ٽرانسفارمر تبديل نہ ڪرڻ خلاف حيسڪو چيف آفيس حسين آباد سامھون مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو. احتجاج جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ جي سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي، ضلعي صدر نظير بليدي، جنرل سيڪريٽري معشوق چانڊيو، نائب صدر بابو ميمڻ علائقي جي رھواسين نذير لاکو، الطاف ڳاھو، منور پٺاڻ، جاويد لاشاري، الطاف ڳاھو ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي سينئر ڊپٽي سيڪريٽري الطاف خاصخيلي خطاب ڪندي چيو تہ حيسڪو سب ڊويزن شاھ لطيف جي ڪرپٽ آفيسرن علائقي ۾ پرائيويٽ ماڻھو مقرر ڪيا آھن، رشوت نہ ڏيڻ تي بجلي ڪاٽي ڇڏي آھي. سڙيل ٽرانسفارمر 4 مھينن کان تبديل نٿو ڪيو وڃي. قومي عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر نظير بليدي خطاب ڪندي چيو تہ حيسڪو چيف آفيس ۾ مختلف عملدارن سان ملاقاتون ڪيون آھن واعدا ڪرڻ باوجود پرائيويٽ ماڻھن جي چوڻ تي بجلي بحال نٿي ڪئي وڃي. جاويد لاشاري خطاب چيو تہ حيسڪو جا پرائيويٽ ماڻھو چون ٿا ته 3/3 ھزار ڏيو ته بجلي چالو ٿيندي. پوء ڀلي بل نہ ڏيو، توھان جي بجلي چالو ٿي ويندي. نظير لاکو خطاب ڪندي چيو تہ اسان جا بجلي جا ميٽر لڳل آھن، ان باوجود اسان کي بجلي فراھم نٿي ڪئي وڃي. جيستائين بجلي فراھم نہ ڪئي ويندي، اسان جو احتجاج جاري رھندو. بابو ميمڻ ۽ معشوق چانڊيو پڻ خطاب ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
سندھ
جھڑک کے قریب نشے کے عادی شخص نے بیوی اور 2 بچوں کو قتل کرنے کے بعد خودکشی کر لی
01st Feb 2026
•
سندھ
کراچی سے ملکی و غیر ملکی سیاحوں کا وفد موہنجو دڑو پہنچ گیا، آثار قدیمه کا دورہ
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
پاکستان
بلوچستان میں سیکورٹی فورسز کی شاندار اور کامیاب کاروائیوں پر فوج اور سیکورٹی اداروں کو خراج تحسین پیش کرتی ہوں پارلیمانی سیکرٹری فرح ناز اکبر
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ پ پ جي جيالي جو پنهنجي چاچي خلاف احتجاج, جڳهه تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش جا الزام
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سيد علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
راندين واري کاتي پاران ٺٽي ۾ ڍڳن جي ڊوڙ جو مقابلو ڪرايو ويو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نيو ڇور ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائيل بابا نصرالله ولي ٽيم کٽي ورتو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حيدرآباد ۾
سنڌياڻي تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ
پٺاڻ ڳوٺ
حيسڪو چيف آفيس حسين آباد
0 تبصرے