ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ صيف الله دستي ور شھر ۾ رورل ھيلٿ سينٽر ور ۽ علائقي جي مختلف اسڪولن جو اوچتو دورو ڪري صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ بي ترتيبيون ۽ لاپرواهيون سامھون آنديون.دوري دوران مئجسٽريٽ کي معلوم ٿيو ته رورل ھيلٿ سينٽر ور ۾ او پي ڊي ۾ ڪو به ڊاڪٽر موجود نه هو. ايمرجنسي وارڊ ۾ رڳو ھڪ ملازم ڊيوٽي تي موجود هو، جڏهن ته ڊينٽل وارڊ مڪمل بند هو. ان کان علاوه مليريا وارڊ ۽ ٽي بي وارڊ به بند پيا هئا، جنهن سبب مريض علاج لاءِ پريشان نظر آيا. شهرين شڪايت ڪندي چيو ته هيلٿ سينٽر ۾ ماهر ڊاڪٽرن جي غير حاضري ۽ وارڊن جي بندش ڪري عام ماڻهو بنيادي صحت جي سهولتن کان محروم آهن.صحت شعبي کان پوءِ مئجسٽريٽ ور شھر ۽ ڀرپاسي جا اسڪول به معائنو ڪيا. هن اسڪول ور شھر، اسڪول ولي خواجه، اسڪول حاجي عارب آڳرو، اسڪول بنگل زنگياڻي ٻروچ، اسڪول پير پٺو غلام قادر شيخ ۽ اسڪول اسماعيل سونپار جو تفصيلي جائزو ورتو. دوري دوران خبر پئي ته اسڪول بنگل زنگياڻي ٻروچ ۾ استاد موجود هو پر هڪ به شاگرد موجود نه هو، جڏهن ته اسڪول اسماعيل سونپار مڪمل طور بند پيو هو. باقي اسڪولن ۾ شاگرد ۽ استاد موجود هئا، پر انتظامي صورتحال تسلي بخش نه هئي.مئجسٽريٽ صيف الله دستي پنهنجي دوري دوران سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي واضح ڪيو ته صحت ۽ تعليم عوام جا بنيادي حق آهن، انهن معاملن ۾ لاپرواهي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته لاپرواهي ڪندڙ عملدارن ۽ ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي ۽ اعليٰ اختيارين کي به رپورٽ موڪلي ويندي.شهرين سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ جي دوري کي ساراهيندي چيو ته اهڙن اوچتن دورن سان انتظاميه ۾ به سجاڳي ايندي ۽ شايد عوام کي ڪجهه رليف ملي سگهي. عوامي حلقن جو مطالبو آهي ته صحت ۽ تعليم جي شعبي کي ترجيح ڏئي فوري طور تي عملي، ڊاڪٽرن ۽ استادن جي حاضري يقيني بڻائي وڃي، جيئن علائقي جا ماڻهو بنيادي سهولتن کان محروم نه رهن.!
0 تبصرے