ملير ۾ سنڌو تهذيب جو نئون ماڳ دريافت، موهن جو دڙو جي عروج واري دور جون نشانيون هٿ

ملير ۾ سنڌو تهذيب جو نئون ماڳ دريافت، موهن جو دڙو جي عروج واري دور جون نشانيون هٿ

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪراچي جي علائقي ملير ۾ سنڌو تهذيب جو ننڍي ۾ ننڍو پر اهم آثار قديمه جو ماڳ دريافت ڪيو ويو آهي، جيڪو موهن جو دڙو جي عروج واري دور سان تعلق رکي ٿو.آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ ۽ آمريڪي ماهرن جي گڏيل کوٽائي جي نتيجي ۾ "الله ڏنو" نالي هن ماڳ مان هڙپا دور جون نشانيون مليون آهن. ان دريافت سان سنڌ جي هزارين سالن جي تاريخ سامهون اچي وئي ان سلسلي م عوامي پريس ڪلب ملير جي ٽيم آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ جي الله ڏنو سائيٽ تي پهتي، جتي ڊپٽي ڪمشنر ملير، سليم الله اوڍو پڻ پهچي ماڳ جو دورو ڪيو ۽ ان کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ضروري هدايتون جاري ڪيون.تاريخي ماڳ الله ڏنو، ملير ندي جي ڪپ تي واقع آهي، جتي 1973ع ۾ پهرين ڀيرو کوٽائي ڪئي وئي، جڏهن ته 2023ع کان هڪ آمريڪي ماهرن جي ٽيم – جنهن ۾ ڊاڪٽر جوناٿن مارڪ ڪناير، ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري ۽ ڊاڪٽر عصمه ابراهيم شامل آهن جي نگراني ۾ ٻيهر کوٽائي جو ڪم شروع ڪيو ويو، جيڪو اڃا تائين جاري آهي.آرڪيالاجي کاتي موجب کوٽائي دوران اهڙيون شيون ۽ نشانين مليا آهن، جيڪي واضح طور موئن جو دڙو ۽ هڙاپي دور سان تعلق رکن ٿيون.ڊپٽي ڪمشنر سليم الله اوڍو چيو ته، "سنڌ جي سڃاڻپ ئي سنڌو تهذيب سان آهي، ۽ اهڙن ماڳن کي محفوظ ڪرڻ اسان جي اخلاقي ۽ ثقافتي ذميواري آهي.