English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گجو لڳ ڳوٺ عظا محمد جوکيو ۾ سرڪاري زمين تي قبضي جي ڪوشش، ڳوٺاڻن جو احتجاج
views
|
10th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڊاڪٽر ابراهيم خاصخيلي زبردستي زمين تي ٽريڪٽر ھلائي قبضو ڪري رھيو آھي، نوٽيس ورتو وڃي: مظاهرين
ٺٽو ( شفيق ڀٽي)گجو لڳ ڳوٺ عظا محمد جوکيو ۾ 8 ايڪڙ سرڪاري زمين تي مبينا طور غير قانوني قبضي جي ڪوشش خلاف ڳوٺاڻن پاران سخت احتجاج ڪيو ويو. جاويد جوکيو، شهمير جوکيو ۽ ٻين رهواسين عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام ھنيو آهي ته بااثر ڊاڪٽر ابراهيم خاصخيلي زبردستي زمين تي ٽريڪٽر ھلائي قبضو ڪري رھيو آھي.مقامي ماڻهن موجب، مٿين زمين ڪيترن ئي سالن کان سرڪاري ريڪارڊ ۾ ڳوٺ عطا محمد جوکيو جي حد ۾ درج آهن ۽ عوامي استعمال سان گڏ مال جي چراگاهه طور رکيل آهي، پر هاڻي بااثر ماڻهو انهي تي زبردستي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.هن معاملي تي سيشن ڪورٽ ٺٽو ۾ ڪيس به هلي رهيو آهي، جنهن جي ٻڌڻي تاريخ 8 آگسٽ 2025 تي هئي، جڏهن ته ايندڙ ٻڌڻي 16 آگسٽ 2025 تي مقرر ڪئي وئي آهي.جاويد جوکيو ۽ شهمير جوکيو جو چوڻ هو ته روينيو کاتي کلي ڪچهري جي انعقاد تائين هن زمين تي ٽريڪٽر هلائڻ تي پابندي جو حڪم نامو جاري ڪيو آهي، پر اڄ سرڪاري موڪل جو فائدو وٺندي، مبينا قبضي ڪندڙ ڌر هٿياربند ماڻهن سان گڏ زمين تي ويهي ٽريڪٽر هلائي رهي آهي.هنن الزام لڳايو ته قبضو ڪندڙ ڌر ھٿ وٺي ڳوٺ جو ماحول خراب ڪري خونريزي ڪرائڻ چاهي ٿي. ھنن چيو ته جيڪڏهن اسان جو ڪو جاني نقصان ٿيو ته ان جي سموري ذميواري زبردستي قبضو ڪندڙ ڌر تي هوندي.انهن ايس ايس پي ٺٽو، ڊي سي ٺٽو ۽ اينٽي ڪرپشن چيئرمين کان مطالبو ڪيو ته قبضي جي ڪوشش ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري، زمين کي عوامي استعمال لاءِ فوري طور بحال ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
پاکستان
پاکستان سے امریکا منتقل ہونیوالی27 سالہ ڈاکٹر جگر ٹرانسپلانٹ سے آدھا گھنٹہ قبل چل بسیں
29th Sep 2025
•
تازہ ترین
کھیلوں میں جنگ کو گھسیٹنے سے صرف بھارت کی ’بوکھلاہٹ‘ ظاہر ہوتی ہے، محسن نقوی
29th Sep 2025
•
پاکستان
کمشنر قلات ڈویژن ڈاکٹر طفیل بلوچ سے ڈپٹی کمشنر آواران انجینئر عائشہ زہری کی خضدار میں اہم ملاقات
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ هاسپيٽل بيسڊ بلڊ بئنڪ پاران انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ ۾ سالانه بلڊ ڪئمپ لڳائي وئي
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ درٻيلو واسي پيرسن جو پٽ خلاف احتجاج
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس جي ڪارروائي، 9 جواري گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڊاڪٽر ابراهيم خاصخيلي
0 تبصرے