ڪروڙين روپين جي ماليت سان تعمير ٿيل ڪارپ فش ھيچري ۾ مڇين جي جديد جنسن جي افزائش جو عمل ورهين کان بند پيل
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ۾ فشريز کاتي جي ماتحت ھلندڙ فش هيچري تباھي جي ور چڙھي وئي، ڪروڙين روپين جي ماليت سان تعمير ٿيل ڪارپ فش ھيچري ۾ مڇين جي جديد جنسن جي افزائش جو عمل پڻ ڪيتري ئي عرصي کان بند پيل آھي جنھن سبب مڇي جا فارم ۽ تلاء لڳائيندڙ سخت پريشاني ۾ مھانگي اگھ تي ٻين ضلعن مان مڇيءَ جو ٻيجارو خريد ڪرڻ تي مجبور آھن. ٻئي طرف فش هيچريءَ جون گاڏيون سالن کان خراب حالت ۾ بيٺل آهن، پر تنھن باوجود گاڏين جي مرمت ۽ تيل جي نالي تي لکين روپين جي بجيٽ هڙپ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آھي. ان موقعي تي علائقي واسين حاجي شفيق احمد، سعيد احمد، ابراھيم سولنگي، رڪ سنڌي ۽ ٻين ڪارپ فش ھيچري ڏوڪري جي تباھي تي احتجاج ڪيو. صحافين سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته فش ھيچري ڏوڪري ۾ مڇين جي افزائش جي نالي تي رڳو پئسا هڙپ ڪيا ويا آهن جڏهن ته ادارو مڪمل طور تي غير فعال بڻجي ويو آهي ڪارپ فش هيچري ڏوڪريءَ جو ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز علي جوڻيجو اداري کي مبينا تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي، فش هيچريءَ جون گاڏيون سالن کان خراب حالت ۾ بيٺل آهن، پر ڊپٽي ڊائريڪٽر انهن گاڏين جي مرمت جي نالي تي بجيٽ جا پئسا هڙپ ڪري رهيو آهي، مڇين جي افزائش جي نالي تي رڳو پئسا هڙپ ڪيا ويا آهن ھنن الزام مڙهيو ته ڊپٽي ڊائريڪٽر فش هيچريءَ جي مقامي ڪچن ملازمن کي ڪڍي دادو ، نوشهروفيروز، نوابشاھ سميت مختلف ضلعن جا ڪچا ملازم رکي مبينا ملي ڀڳت سان پگھارون ھڙپ ڪيون پيون وڃن. هنن وڏي وزير، پولٽري ۽ فش ھيچري جي وزير، چيئرمين اينٽي ڪرپشن سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڏوڪري ھارپ فش ھيچري ۾ ٿيل ڪرپشن جو نوٽيس وٺي ملوث عملدارن خلاف قدم کڻي اداري ۾ مڇين جي افزائش جو عمل شروع ڪيو وڃي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز علي جوڻيجو ٻڌايو ته مون مٿان ڪرپشن جا الزام بي بنياد آهن.
0 تبصرے