عمرڪوٽ ۾ اقليتن جي مسئلن جي حل لاءِ چيئرمين ون مين ڪميشن جي تحت اجلاس

اجلاس ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ٿي گذريو

عمرڪوٽ ۾ اقليتن جي مسئلن جي حل لاءِ چيئرمين ون مين ڪميشن جي تحت اجلاس

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) اقليتن جي مسئلن جي حل لاءِ چيئرمين ون مين ڪميشن جي تحت هڪ اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ڊي ايس پي عمرڪوٽ تصور جٽ، پاڪستان هندو ڪائونسل جي ميمبرن اوم پرڪاش، رام چند، ضلعي اطلاعات آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ چيو تہ اجلاس جو مقصد ضلعي عمرڪوٽ ۾ اقليتي برادري کي درپيش مسئلن جو جائزو وٺڻ، انهن جي حل لاءِ قدم تجويز ڪرڻ ۽ حڪومتي پاليسين تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ آھي، اجلاس دوران اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ مسئلن جي فوري حل لاءِ ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ چيو تہ اقليتون اسان جي سماجي ۽ ثقافتي سڃاڻپ جو اهم حصو آهن ۽ انهن جا مسئلا سنڌ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهن، ان موقعي تي هن سڀني کاتن کي هدايت ڪئي تہ اهي اقليتي برادري کي درپيش مسئلن، خاص ڪري تعليم، صحت، سيڪيورٽي، عبادتگاهن جي تحفظ ۽ نوڪرين ۾ ڪوٽا جي حوالي سان فوري قدم کڻن، ان موقعي تي اجلاس ۾ ون مين ڪميشن براءِ اقليت پاران جاري ڪيل نڪتن ۽ سفارشات جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ انهن تي فوري عملدرآمد لاءِ سڀني ادارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون، اجلاس جي آخر ۾ ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ چيو تہ ضلعو عمرڪوٽ هڪ مثالي ضلعو آهي، جتي اقليتي برادريءَ جا ماڻهو وڏي انگ ۾ آباد آهن ۽ انتظاميہ هر ممڪن ڪوشش ڪندي تہ انهن کي برابري جي بنياد تي سهولتون فراهم ڪجن ۽ انهن جا جائز مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن.