نوشهروفيروز ۾ جشن آزادي ۽ معرڪه حق جو ڏهاڙو ملهائڻ جي حوالي سان گڏجاڻي

زندہ قومون سورمن کي ناهن وسارينديون ۽ قومي ڏينهن ڀرپور نموني سان ملهائينديون آھن: محمد ارسلان سليم

نوشهروفيروز ۾ جشن آزادي ۽ معرڪه حق جو ڏهاڙو ملهائڻ جي حوالي سان گڏجاڻي

نوشهروفيروز (ڊ ر ) جشن آزادي ۽ معرڪه حق جو ڏينهن شانائتي ۽ ڀرپور نموني سان ملھائڻ جي انتظامن بابت ھڪ گڏجاڻي اڄ ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم جي صدارت ۾ سندس آفيس جي ڪميٽي روم ٿي . ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم چيو تہ زندہ قومون پنھنجن سورمن کي ڪڏهن به نه وسارينديون آهن ۽ قومي ڏينهن ڀرپور نموني سان ملهائينديون آھن ۽ قومن کي جڏهن ڪا اھم ۽ عظيم ڪاميابي ملندي آهي تہ ان بعد آزاديءَ جي ڏينهن تي بي پناه خوشي ۽ جذبو پيدا ٿيندو آهي اھوئي سبب آھي جو معرڪه حق جي ڪاميابي بعد جشن آزادي ۽ معرڪه حق جي عنوان سان ٿيندڙ تقريبات دوران آزاديءَ جي موضوع تي پھرين آگسٽ کان 14 آگسٽ تائين روزانو جي بنياد مختلف تقريبات منعقد ڪيون وينديون گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ پھرين آگسٽ کان سڀني سرڪاري ۽ نجي عمارتن ۽ شھر جي مختلف چوراهڻ ۽ اھم ھنڌن تي قومي جھنڊن ۽ جهنڊين سان سينگاريو ويندو، جنهن دوران مختلف اسڪولن ۽ تعليمي ادارن ۾ سيمينار ، تقريري مقابلا ڪرائڻ ۽ مختلف رانديون پڻ منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ 4 آگسٽ تي يوم شهداء ۽ 5 آگسٽ تي ڪشميري ڀائرن اظهار يڪجهتي طور يوم استحصال ڪشمير ملھائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ھن چيو تہ اسان جي بزرگن پنهنجي عظيم قربانين ۽ جدوجهد سان اسان جو ملڪ پاڪستان حاصل ڪيو، جنهن جي ڪري اڄ اسين پنھنجي مرضيءَ ۽ آزاديءَ سان زندگي گذاري رھيا آھيون ۽ اسان جي بھادر فوج جي جوانن جنھن جرئت ۽ بھادري سان وطن عزيز جو دفاع ڪري رهي آهي ان لاءِ پوري قوم پنھنجي فوج جي شڪرگذار آھي.ان چيو ته جشن آزادي جي ڏينهن تي ضلعي انتظاميا پاران پبلڪ پارڪ ۾ مرڪزي تقريب منعقد ڪئي ويندي، ان بعد سيمينار ۽ ريليون ڪڍيون وينديون . هن سڀني کاتن جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجين آفيسن ۾ جشن آزادي جي حوالي سان پروگرام منعقد ڪن. ۽ سڀني سرڪاري توڙي نجي آفيسن کي جشن آزادي جي جهنڊين سان سجايو وڃي ۽ چراغان ڪيو وڃي.ان سان گڏ سڀني سرڪاري آفيسن ۾ وڻڪاري مهم هلائي ويندي، ان لوڪل گورنمنٽ جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو شهرن صفائي سٿرائي ۽ روشني جو بندوبست ڪن. ان سوشل ويلفيئر کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته مختلف سماجي ڀلائي جي تنظيمن سان گڏجي پروگرام منعقد ڪن. اجلاس ۾ خطاب ڪندي ايس ايس پي روحل خان کوسو چيو ته جشن آزادي جي پروگرامن کي پوليس فول پروف سيڪورٽي فراهم ڪندي،پوليس فليگ مارچ ۾ شرڪت ڪندي ۽ بطور پاڪستاني اسان ڀرپور نموني سان آزادي جو ڏهاڙو ملهائيندا سين ۽ پنهنجي شهيد افيسرن ۽ جوانن جي ياد ۾ پڻ پروگرام منعقد ڪيو ويندو.