English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
آر آر سي ڏوڪري جي سنڌ سڌار چانورن جي ورائٽي اميد کان وڌيڪ اپت ڏني: ڊاڪٽر مظھر ڪيريو
views
|
28th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڪجھ ورائٽيون پائيپ لائن ۾ آھن، جلد منظوري بعد مارڪيٽ ۾ آنديون وينديون: ڊي جي ايگريڪلچرل ريسرچ
ڏوڪري(اطهر ميمڻ) ڊائريڪٽر جنرل ايگريڪلچرل ريسرچ ڊاڪٽر مظھر ڪيريو چيو آھي ته صوبائي وزير محمد بخش مھر جي ڪوششن سان آر آر سي ڏوڪري جي سنڌ سڌار چانورن جي ورائٽي توقع کان وڌيڪ اپت ڏئي ھائبرڊ سيڊ کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي، ڪجھ ورائٽيون پائيپ لائن ۾ آھن، جلد منظوري بعد مارڪيٽ ۾ آنديون وينديون. ڏوڪري جي زرعي تحقيقاتي اداري آر آر سي جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڊي جي زراعت ڊاڪٽر مظھر ڪيريو چيو ته ھاري ۽ آبادگار زرعي دوڪاندارن جا قرضي ھئڻ ڪري ناقص ھائبرڊ ٻج کڻڻ تي مجبور آھن، زراعت جي صوبائي وزير سردار محمد بخش مھر جي ڪوششن سان مارڪيٽ ۾ موجود غير معياري ٻج ھٽائڻ جي ڪوشش جاري آھي، جنھن لاءِ زرعي تحقيق ۽ سيڊ ڪارپوريشن جي ميٽنگ ڪوٺائي آھي، ڪجھ غير معياري ٻجن جون ڪمپنيون پڻ بند ڪرايون آھن. ھن چيو ته آر آر سي جو ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر اشرف سومرو رٽائر ٿيڻ ڪري ڪوشش آھي ته اداري جي ئي ڪنھن سينيئر آفيسر کي ڊائريڪٽر مقرر ڪرائجي. ھن چيو ته آر آر سي ڏوڪري جا ڪجھ آفيسر ھتان پگھارون کڻن ٿا پر ڪم ٽنڊو ڄام سينٽر تي ڪن پيا، جن کي جلد ٽرانسفر ڪري ڏوڪري موڪليو ويندو. ھڪ سوال جي جواب ۾ ڊي جي ڊاڪٽر مظھر ڪيريو چيو ته چين ۽ فلپائين جي ڀيٽ ۾ پاڪستان جي موسم گھڻي تبديل آھي، ھتي گرمي ۽ ڪلائيميٽ چينج سبب سارين جا ٻہ فصل گڏ کڻڻ ناممڪن نه پر مشڪل ضرور آھن، ٻن فصلن تي اسان جا زرعي ماھر تحقيق ڪري رھيا آھن. ھن چيو ته اداري ۾ ڊائريڪٽر، زرعي ماھر، آفيسر، ننڍا ملازم ۽ ھاري ھڪ ئي سسٽم جو حصو آھن، جيستائين رابطا بھتر نه ھوندا ايستائين ادارو ترقي نه ڪندو، اداري جي بھتري لاءِ پاڻ سمورن تحقيقاتي سينٽرن جو دورو ڪري بھتر ڪم ڪندڙ زرعي ماھرن جي حوصلا افزائي ڪندو آھيان. ان موقعي تي آر آر سي انچارج امجد شجراع، ڊائريڪٽر ٽنڊوڄام امداد سوھو، ميڊيا ڪوآرڊينيٽر ثناء الله سولنگي، زرعي ماھر نعيم شيخ، ارشاد دستي، اسٽيٽ آفيسر شبير خاصخيلي، اڪائونٽنٽ ارشاد جوڻيجو ۽ ٻيا موجود هئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Nov 2025
•
پاکستان
ایف ایف سی کو "کمپنی آف دی ایئر ایوارڈ" سے نوازا گیا
12th Nov 2025
•
تازہ ترین
قومی اسمبلی میں 27ویں آئینی ترمیم پیش — حکومت کی پوزیشن مضبوط، اپوزیشن کا واک آؤٹ
12th Nov 2025
•
تازہ ترین
نواز شریف کی قومی اسمبلی آمد — ایوان میں لیگی ارکان کا پرتپاک استقبال، بلاول بھٹو نے بھی مصافحہ کیا
12th Nov 2025
•
تازہ ترین
قومی اسمبلی میں ہنگامہ — محمود خان اچکزئی نے 27ویں آئینی ترمیم کے بل کی کاپی پھاڑ دی
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ھيٺ اينٽي ھيومين ٽريفڪنگ جو اجلاس
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
سامارو شھر ۾ اي سي سنجي ڪمار ترڪيو پاران کلي ڪچري منعقد
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ورلڊ بينڪ جي ٽيم پاران ڳاڙهو، ڪيٽي بندر ۽ گهوڙا ٻاري جا دورا
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ جو ايس ايس پي پئسي جو شوقين آھي، کيس جلد گهر ڀيڙو ڪرايو ويندو: نواب تيمور ٽالپر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڊاڪٽر مظھر ڪيريو
RRC Dokri
صوبائي وزير محمد بخش مھر
0 تبصرے